جڳ مشهور پاڪستاني اداڪار معين اختر کي وڇڙئي 6 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (شوبز نيوز) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اداڪار معين اختر کي مداحن کان وڇڙئي 6 ورهيه وهامي ويا. معين اختر 24 ڊسمبر 1950ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هو فن جي دنيا جو چڪندڙ ستارو هو، جيڪو اڄ به مداحن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. معين اختر 16 ورهين جي عمر ۾ فني سفر جي شروعات ڪئي، شروعات ۾ هو اسٽيج ڊراما ڪندو هو، جنهن دوران ”بڍا گهر پي هي ۽ بڪرا قسطون پر“ کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، جڏهن ته ”روزي، ففٽي ففٽي، هاف پليٽ ۽ انتظار فرمائيي“ به سندس يادگار ڊراما آهن. هو 22 اپريل 2011ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top