عمر اڪمل کي ٽيم ۾ واپسيءَ لاءِ ڪا رنڊڪ ناهي: ڪامران اڪمل

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل چيو آهي ته منهنجي ننڍي ڀاءُ عمر اڪمل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪري ورتي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته عمر اڪمل چيف سليڪٽر انضمام الحق جي نگراني هيٺ ٿيندڙ پي سي بي جي فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، هاڻ مون کي به ٽيم ۾ پنهنجي جڳهه پڪي ڪرڻ لاءِ فٽنيس برقرار رکڻي پوندي. هن چيو ته مون کي عمر اڪمل جو مستقبل سٺو نظر اچي رهيو آهي، منهنجي عمر اڪمل يا ڪنهن به رانديگر کي اها ئي نصيحت آهي ته توهان سخت محنت سان ئي فٽنيس حاصل ڪري سگهو ٿا، جيڪا اڄڪلهه جي عالمي ڪرڪيٽ لاءِ سڀ کان ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top