غلط قومي ترانو لکڻ تي سونم ڪپور مٿان تنقيد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سونم ڪپور کي پنهنجي ئي ملڪ جو قومي ترانو وسارڻ تي ڀارتي عوام طرفان سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڀارتي قومي تراني جو ذڪر ڪندي چيو هو ته مان ننڍي هوندي قومي ترانو ڏاڍي شوق سان پڙهندي هيس، اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ترانو ياد ڪرڻ گهرجي. هن لکيو آهي ته مون کي جيستائين ياد آهي ته قومي تراني جي هڪ سِٽَ ”هندو، مسلم، سک، عيسائي“ به هئي. سونم جي اهڙي ڪالم کان پوءِ سندس مداحن ۽ ڀارتي عوام اداڪارا کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته ڀارتي تراني ۾ ”هندو، مسلم، سک، عيسائي“ واري ڪا به سِٽَ شامل ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top