مسٽر بين جي هڪ ڀيرو ٻيهر واپسي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) مسٽر بين جو ڪردار سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن جي هاڻ وڌيڪ نين قسطن تي ڪم ٿي رهيو آهي. 62 ورهين جي روون اٽڪنسن، جنهن ان آئيڪونڪ ڪاميڊي ڪردار کي ادا ڪيو، پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان سيريز جي نين قسطن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مسٽر بين کي هڪ بزرگ پنشنر جي روپ ۾ ڏيکاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته مسٽر بين کي ڪراڙي روپ ۾ ڏيکارڻ ڏاڍو مزاحيا هوندو، ڏسڻو آهي ته اسان ان ڪردار مان ڪهڙي قسم جي مزاحيا ڳالهه ڪڍي سگهون ٿا پر اها ڳالهه يقيني آهي ته هڪ بزرگ شخص جو ڪردار گهڻو مزاحيا هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top