اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: شرجيل خان مٿان 5 سالن جي پابندي لاڳو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان سپر ليگ جي ٻين سيزن ۾پيش آيل اسپاٽ فڪسنگ واري اسڪينڊل ۾ ملوث ڪرڪيٽر شرجيل خان مٿان 5 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ٽريبيونل شرجيل خان جي خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ۽ سندس مٿان لڳايل الزام ثابت ٿيڻ تي 5 سال پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ شرجيل خان خلاف ٻڌڻي تي گذريل مهيني 29 جولائي تي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو جنهن بعد پي سي بي ڪرڪيٽر شرجيل خان مٿان تاحيات پابندي جي سفارش ڪئي هئي، واضح رهي ته قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين شرجيل خان جو ڪيس پي سي بي جي ٽريبيونل ۾ گذريل ڇهن مهنين کان ٻڌڻي هيٺ هو جنهن ۾ شرجيل خان جا وڪيل پي سي بي جي ثبوتن کي ناڪامي قرار ڏئي رد ڪندا آيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top