جيڪڏهن نيب نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو ته ان تي عمل ڪيو ويندو: وزيراعظم

لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ڪابينا ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ پرڏيهي وزير خواجه آصف لنڊن ۾ حسن نواز جي آفيس پهتا. ذريعن موجب لنڊن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪي صورتحال، توانائي جي منصوبن ۽ عدالتي معاملا بحث هيٺ آيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ڪابينا ميمبرن نوازشريف ۽ سندس گهر واري سان سڄو ڏينهن گذاريو جنهن کانپوءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿيندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ فواد حسين سان گڏ لنڊن پهتو. ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو ته ان تي عمل ڪيو ويندو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني آهي، قانوني ادارا جيڪو به حڪم ڏيندا ان تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪو مونجهاري ۾ نه رهي. عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو آهي، لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. وفاقي حڪومت قانون موجب عمل ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top