وزيراعظم جي آمريڪا کي نئين افغان پاليسي تي خدشن کان آگاهي، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

نيويارڪ( م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس سان ملاقات ڪري آمريڪا جي نئين افغان پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ موجود وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي، پرڏيهي وزير خواجه آصف، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري توڙي فواد حسن به موجود هئا. آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس شاهد خاقان عباسي جي آمد تي سندن ٿورا مڃيا. ان موقعي تي آمريڪا جي نائب صدر چيو ته آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، خطي جي سلامتي لاءِ هو پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڊگهي ڀائيواري چاهين ٿا، جڏهن ته پاڪستان سان بهتر لاڳاپن لاءِ هو نوان رستا ڳولي رهيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته آمريڪا سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻين معاملن ۾ خيالن جو اظهار چاهين ٿا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان عالمي اتحاد جو حصو آهي ان جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار جاري رکنداسين. ٻئي طرف پاڪستان ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) کان مطالبو ڪيو آهي ته هو روهنگيا جي مسلمان ڀينرن ۽ ڀائرن جي ضمير جو گڏيل آواز بڻجڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ۵۷ ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي او آءِ سي کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان نيڪ مقصد لاءِ پنهنجو ڀرپور حمايت ڪندو، هن چيو ته او آءِ سي يا گڏيل قومون جي طرفان انساني همدردي جي بنياد تي روهنگيا جي مسلمانن جي ڪنهن به ڪوشش جي ڀرپور حمايت ڪندو، وزيراعظم چيو ته هزارين بي گناهه مرد، عورتون ۽ ٻار ميانمار ۾ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته تازا واقعا روهنگيا جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو زنده مثال آهن، هن چيو ته هيستائين ۴ لک کان وڌيڪ روهنگيا جي مسلمانن کي پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، هي بي گناهه ماڻهو پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه ڳولي رهيا آهن، هن چيو ته روهنگيا جي مسلمانن جي ان منظم نسل ڪشي ۽ امتيازي سلوڪ جو هاڻي خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو روهنگيا جي مسلمانن تي ظلم ۽ ستم ۽ انهن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ميانمار جي حڪومت تي هر ممڪن دٻاءُ وجهي. پاڪستان ميانمار جي حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته هو صورتحال ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي ۽ ورهنگيا جي مسلمان آبادي جي تحفظ کي يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته روهنگيا جي حڪومت عالمي قانونن جي پاسداري ڪري ۽ روهنگيا جي مسلمانن خلاف هر قسم جي تشدد جي ڪاررواين کي بند ڪري. پاڪستان گڏيل قومن کان به مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي روهنگيا جي مسلمانن جي خراب حالت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جو فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد موڪلڻ جو بندوبست ڪري. وزيراعظم چيو ته ميانمار جي حڪومت روهنگيا جي سمورن پناهگيرن جي محفوظ واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ سازگار حالت پيدا ڪري ۽ انهن جا جائز حق ڏي جنهن ۾ انهن جي شهريت، مذهبي آزادي ۽ ميانمار جي برابر جي شهري جي حيثيت سان انهن جو آزادا گهمڻ ڦرڻ شامل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top