اسان وٽ ٽيڪٽيڪل نه پر گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ايٽمي هٿيار موجود آهن: وزيراعظم

نيويارڪ (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ”پاڪستان وٽ ٽيڪٽيڪل ايٽمي هٿيار ناهن بلڪ گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ايٽمي هٿيار آهن.“ آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ٿوري مفاصلي تائين مار ڪندڙ ايٽمي هٿيار ميدان جنگ ۾ استعمال ڪرڻ وارا ناهن، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام محفوظ هٿن ۾ آهي. بي بي سي مطابق وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج افغان سرحد ويجهو شدت پسندن جا سموران ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ”اسان علائقي تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. هاڻي اتي ڪي به محفوظ پناهگاهون ناهن، ڪا به نه.“ نيويارڪ ٽائيمز لکيو آهي ته وزيراعظم جو اهو بيان آمريڪي انٽيليجنس جي معلومات مطابق ناهي. اخبار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته صدر اوباما جي ٻئي دور ۾ آمريڪا ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف سان ڳالهيون ڪيون ۽ ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ٽيڪٽيڪل ايٽمي هٿيارن کي نصب نه ڪري. آمريڪي انٽيليجنس مطابق پاڪستان اهي هٿيار ڀارتي فوج جي اڳرائي کي روڪڻ لاءِ تيار ڪيا آهن. خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج طالبان جي محفوظ ٺڪاڻن کي ختم ڪيو پر ان قدم کي آمريڪا نه ساراهيو. هن چيو ته ”پاڪستان ۾ عام تاثر آهي ته آمريڪا پاڪستانين جي قربانين جي ساراهه نٿو ڪري ۽ اڄ اسان تي الزام مڙهيو وڃي ٿو. اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فعال پارٽنر آهيون ۽ ان کان گهٽ نه.“

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top