افغان جنگ پنهنجي سرزمين تي نٿا آڻي سگهون، آمريڪا کي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو: وزيراعظم

نيويارڪ (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته افغان جنگ پنهنجي سرزمين تي نٿا آڻي سگهون، آمريڪا کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي مهم ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هنن دليل سان گڏ حقيقت پيش ڪئي، سڀني جو مقصد هڪ آهي، ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. سندس چوڻ هو ته صدر ٽرمپ سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪا آڏو پاڪستانين جو کليل طرح موقف پيش ڪيو آهي، اميد ته هُو مثبت جواب ڏيندا. هن چيو ته آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ فوج مسئلي جو حل ناهي، چئن ڏھاڪن کان افغاستان ۾ جنگ جاري آھي جڏهن ته طالبانن جو پناھگاھون افغانستان ۾ موجود آھن. وزيراعظم چيو ته دنيا کي سيڪيورٽي سميت مختلف چئلينجز اڳيان آھن، يورپ کي ھڪ نئين سرد جنگ جو خطرو آھي، روھنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي اسان جي ضمير لاءِ چئلينج آھي. هن چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي جدوجھد کي طاقت ذريعي ڪچلي رھي آھي، بد قسمتي سان گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل نھ ٿي رھيو آھي، ڪشمير مسئلي جو حل تمام ضروري آھي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڀارت ڪشميرين مٿان سرعام گوليون وسائي رھيو آھي، ڀارتي فوج ھٿين خالي ڪشميرين مٿان پيلٽ گن سان حملا ڪري رھي آھي، عالمي برادري پيلٽ گنز روڪڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گن جو استعمال بند ڪري، جنوري کان وٺي ايل او سي تي 600 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي آھي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ھميشھ ڀارت سان بامقصد ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار آھي پاڪستان قرباني جو ٻڪر بڻجڻ لاءِ تيار ناھي هن چيو ته سلامتي ڪونسل کي وڌيڪ جمھوري بڻائڻ لاءِ پرعزم آھيون، ميڪسيڪو ۾ آيل زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستاني وفد گذريل ڏينهن 17 ملاقاتون ڪيون، آمريڪا جو دورو بهتر رهيو. هن چيو ته هو چاهين ٿا ته افغانستان پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري، ساڻس هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو، جڏهن ته ڀارت کي پاڪستان ۾ پنهنجي مداخلت بند ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته دھشتگردي خلاف سويلين ۽ فوج ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان قبائلي علائقن مان دھشتگردي ختم ڪرائي چڪو آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪابينه ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top