نواز شريف نيب سان تعاون نه ڪندو، لنڊن اجلاس ۾ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ وٺڻ جو فيصلو

لنڊن (م ڊ) نااهل وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان  استعيفيٰ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيب ڪيسسز ۾ احتساب عدالت سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ڪالهه لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اجلاس ٿيو، حسن نواز جي آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز تي صلاح مشورا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي هٽائي شريف ڪٽنب مان نئون وزيراعظم آڻڻ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي الزامن بعد احتساب عدالت طرفان اسحاق ڊار جا وارنٽ جاري ٿيڻ بعد کيس وفاقي وزارت تان هٽائي نئون ناڻي وارو وزير آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، مسلم ليگ ن جي اجلاس ۾ اڳواڻن طرفان نواز شريف کي نيب ريفرنسسز جي سلسلي ۾ تعاون نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، انصاف جي اميد رکي نٿي سگهجي، ان موقعي تي نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ عوام منهنجي موقف جي حمايت ڪئي، جي ٽي روڊ تي جيڪو موقف اختيار ڪيو اڄ به ان تي قائم آهيان، وزيراعظم گم ٿيل ڪارڪنن جي ڳولا ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top