داعش درگاهه چيزل شاهه تي ٿيل بم ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي:ڊي آءِ جي نصيرآباد

لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد هيسباڻي) ڊي آءِ جي نصيرآباد بلوچستان شرجيل کرل ۽ ڪمشنر عزيز احمد ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ سان گڏجي درگاهه چيزل شاهه جي درگاهه ۾ ٿيل خودڪش بم حملي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي شرجيل کرل جو چوڻ هو ته فتح پور ۾ درگاهه چيزل شاهه تي ٿيل بم ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ داعش ڪئي آهي پر ان جي باوجود دعويٰ جي جاچ ۽ تصديق ڪري رهيا آهيون. چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي شرجيل کرل وڌيڪ چيو ته درگاهه چيزل شاهه تي هر مهيني ٻه ڀيرا چاند رات تي عرس ملهايو ويندو آهي، گذريل رات به عرس جي موقعي تي زائرين جو وڏو تعداد درگاهه تي موجود هو ان وقت سڪيورٽي جا به انتظام سخت ڪيا ويا هئا. هن ٻڌايو ته هڪ گاڙي مان خودڪش بمبار لهي درگاهه جي مين گيٽ طرف پهتو جنهن کي پڳ ۽ گلابي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ان جي عمر 22 سال ٿيندي. مين گيٽ وٽ شڪي بمبار کي پوليس جي ڪانسٽيبل بهار خان روڪيو پر هو زبردستي اڳتي اچي ويو جنهن بعد زخمي ٿيل پوليس اي ايس آءِ عبدالڪريم کيس ٻيهر روڪيو جنهن تي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڊي آءِ جي نصيرآباد چيو ته بمبار طرفان ڌماڪي جو ٽارگيٽ درگاهه جي لنگر ورهائڻ واري جڳهه هئي جتي زائرين جي رش هوندي آهي. هن ٻڌايو ته شهيد ٿيل زائرين جو تعداد 21 ۽ زخمين جو تعداد 35 آهي. زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۽ سبي بلوچستان جي اسپتال ۾ علاج فراهم ڪري رهيا آهيون. هن اعلان ڪيو ته شهادت جو جام نوش ڪندڙ پوليس ڪانسٽيبل بهار خان کي قائداعظم ميڊل ۽ سندس وارثن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ سفارش پڻ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڪمشنر نصيرآباد عزيز احمد جو چوڻ هو ته ڌماڪي جي آسپاس وارن علائقن جي اسپتالن ۾ طبي سهولتون موجود نه آهن جنهن لاءِ ڌماڪي جي زخمين کي سنڌ جي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ منتقل ڪيو ويو جتي کين بهتر سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته چانڊڪا اسپتال ۾ داخل هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي ڪراچي منتقل ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ، ڪمشنر نصيرآباد شرجيل کرل، ڪمشنر نصيرآباد عزيز احمد ۽ پيپلز پارٽي ايم پي اي نادر مگسي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top