صوفي بزرگ جي نگريءَ ۾ دهشتگردي

عبدالفتاح عباسي

                 بلوچستان جيڪا صدين کان امن، سلامتي، محبت،پيار، اخوت، ڀائيچاري جي پرچار ڪندي رهي آهي اڄ انهيءَ بلوچستان جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سيد رکيل شاهه ۽ حضرت سيد چيزل شاهه رحمت الله عليه جي بلوچستان جي جهل مگسي فتح پور درگاهه تي 5 آڪٽوبر 2017ع بروز خميس جمعرات جي شام جو به عام معمول موجب  عرس جي موقعي تي ۽ هزارين ماڻهن زائرين پانڌيئڙن عقيدتمندن جي رش ۾ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن نامعلوم انسانيت جي دشمن پاران هڪ زوردار ڌماڪو ڪيو ۽ پوءِ جيئرن جاڳندن معصوم ٻارڙن، عورتن، نوجوانن ۽ پيرسن ماڻهن جا لاش ئي لاش نظر اچڻ لڳن ٿا.انهيءَ کان اڳ انهن دهشتگردن انسانيت جي ويرين بم ۽ بارود جي ٻولي ڳالهائيندڙن وحشين درندن پنهنجي سفاڪيءَ جو کليل مظاهرو ڪندي جيڪا خوني ۽ رت ۾ ٻڏل واردات ڪئي وئي آهي انهيءَ تي بلوچستان ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ڏک ۽ غم جي لهر ڇائنجي وڃي ٿي. بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو صوفي ازم جا قائل آهن انهن جي رڳ رڳ ۾ انسانيت جو درد ۽ انسانيت لاءِ درد رکندڙ جذبات آهن. اڄ چيزل شاهه بادشاهه جي نگري پڪاري پڪاري ڪري وقت جي حڪمرانن کي چئي رهي آهي ته  توهانکي رڳو درگاهن خانقاهن جي نذر ۾ مليل نذراني واريون پيتون ته پياريون آهن جنهن مان هر مهيني  ڪروڙين رپيا زائرين پانڌيئڙن طرفان ڏنا وڃن ٿا ۽  گڏوگڏ سونا زيورات به درگاهه تي ڏنا وڃن ۽ نذر وارين پيتين ۾ هر مهيني ڪروڙين رپيا حڪومت هڙپ ڪري رهي آهي. لاهور شهر ۾ حضرت داتا هجويري رح جي درگاهه نه ڏٺي آهي انهي درگاهه جو صحن پڌر ڪيترو ويڪرو ۽ ڪشادو ڪيو ويو آهي ۽ اتي جا هوٽل ريسٽورنٽ سڀ ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ته پوءِ قلندر بادشاهه جي نگري کي اهڙو سوڙهو ۽ بند گليءَ ۾ ڇو رکيو ويو آهي سوني دروازي  يا ٻي دروازي ڏانهن وک وک تي دڪانن ۽ شين جي اسٽالن جي ڀرمار لڳل آهي. حڪومت سنڌ فوري طور تگي هنگامي بنيادن تي درگاهه جي طرسان وارن دڪانن اسٽالن جي خاتمي جو طريقڪار جوڙيو وڃي ۽ پوري درگاهه ۾ حددخلين انڪروچمينٽ کي ختم ڪرايو وڃي.اوقاف کاتو وضو خانا، جاءِ حاجت سميت ٻين ضروري شين جو خيال رکيو وڃي. اهي حڪمرانن لاءِ هڪ وڏي رقم جي صورت ۾ ملندا رهن ٿا پر اوقاف کاتي جو ڪهڙو ڪم آهي ؟. جو اوقاف کاتو صرف پئسن جي پيتين جي جمع ڪيل رقم هڙپ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اچي وڃن ٿا.باقي لعل شهباز قلندر جي عظيم درگاهه سميت سنڌ جي ٻين اهم درگاهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست درازن واري رح جي درگاهون به غير محفوظ بڻيل آهن. تازو ئي لاهوت لامڪان جي سائين نوراني سرڪار رح وٽ بم سان حملو ڪيو ويو جتي 50 کان وڌيڪ ماڻهو سهيد ٿي ويا،انهيءَ کان اڳ ۾ شڪارپور جي اندر سائين حاجن شاهه ماڙي واري بزرگ،سائين قمبر واري سيد غلام حسين شاهه بخاري مٿان خود ڪش حملو ڪيو ويو ۽ الله سائين قمبر واري بزرگ جي جان امان ۾ رکي ۽ سندن جو پوٽو عالم دين سيد محمد شفيق احمد شاهه بخاري حسيني شهيد ٿي ويا،ابهيءَ کان اڳ ڪراچيءَ جي درگاهه حضرت عبدالله شاهه غازي، اسلام آباد جي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف المعروف امام بري سرڪار رح ، لاهور جي عظيم بزرگ حضرت داتا علي هجويري رح ، ڊيرا غازي خان جي بزرگ حضرت سخي سرور رح ۽ ٻين درگاهن تي جيڪا هيءَ رت جي راند کيڏي وڃي ٿي انهيءَ جي پويان ڪير ملوث آهن ؟.هر هڪ ڄاڻي ٿو ته انهن دهشتگردن ۽ انسانيت جي ويرين جي پٺيان ضرور ڪي وڏا عناصر ۽ هٿ هوندا جيڪي  هن ملڪ ۾ امن سلامتي ۽ پيار محبت جا دشمن پنهنجي ڌرتيءَ کي غير محفوظ بڻائڻ لاءِ بار بار اهڙيون ڪاروايون ڪري اسان جي عوام کي وک وک تي اهو احساس ڏيارڻ گهرن ٿا ته توهان غير محفوظ آهيو ۽ انهيءَ سان نه صرف ملڪي رهيل کيل ساک متاثر ٿيڻ لڳي ٿي پر سموري ملڪ ۾ هڪ اهڙي فضا جنم وٺڻ لڳي ٿي جنهن سان پوري سوسائٽي ۽ 18 ڪروڙ عوام پنهنجي چوطرف پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب ويچارگي جو احساس ڏياري رهيو آهي.هن ملڪ جي اندر جيڪي دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار آهن اهي ڪنهن جي جهوليءَ ۾ ويهي ايڏا ڪيس ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي پويان ضرور ڪي سرڪاري هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا ته پوءِ انهن جي پڪڙ ۽ انهن جي گرفتاريءَ عمل ۾ ڇو پئي ٿئي ؟.۽ اهي پنهنجي انتقامي انجام کان ڪيئن بچي وڃن ٿا ؟.سنڌ جي هر طرف صوفي بزرگن پنهنجي امن سلامتي پيار ۽ اخوت جي تعليم عام ڪئي آهي ته پوءِ قلندريءَ جي نگري ڪيئن رت ۾ ٻڏل رهي ٿي؟.

 16 فيبروري 2017ع تي سيوهڻ شريف جي تاريخ جو بدترين دهشتگردي واقعو ٿيو آهي جنهن ۾ 85 کان وڌيڪ زائرين عقيدتمند شهيد ٿي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي سيوهڻ جي زائرين جا رت ۾ ٻڏل سوين زخمي نه رڳو سيوهڻ شريف پر حيدرآباد، ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، قاضي احمد  ۽ ٻين سنڌ جي شهرن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن ماڻهن جي زندگيون بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ رت ڏيڻ لاءِ اڳتي اچي وڃن ٿا. سنڌ جي هر شهر ۾ سوڳ سبب ڄڻ ته تڏو وڇايل آهي ۽ هر سنڌي جي ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا آهن. هاڻي سنڌ جي سمورين درگاهن خانقاهن جهڙوڪ حضرت محمد عثمان المعروف قلندر لعل شهباز رح، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، صوفي بزرگ سلسله عاليه نقشبنديه جي عظيم پيشوا حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح (لاڙڪاڻو)، حضرت سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري ( درگاهه حسين آباد شريف)،حضرت پير الله بخش سهڻا سائين رح ( ڪنڍيارو) ،حضرت شهيد مخدوم عبدالرحمان کهڙا شريف ( گمبٽ )، قبله سائين سيد محمد عاشق علي شاهه (درگاهه ديهه سوهو خيرپور )، حضرت قبله سائين محمد قاسم مشوري (درگاهه مشوري شريف)،حضرت پير سائين پاڳارو ، حضرت سائين مخدوم نوح هالا وارا، شهيد مخدوم بلاول دادو وارا سميت ٻين درگاهن خانقاهن جي سيڪيورٽيءَ کي سخت ڪيو وڃي ۽ انهن درگاهن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جا انتظام رکيا وڃن.۽ جن به درگاهن تي جيڪي به زائرين شهيد ٿيا آهن انهن جي وارثن کي معاوضو ۽ اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن جيئن انهن جا گهر فاقه ڪشي کان بچي سگهن ۽ ڪنهن جا محتاج نه ٿين.    اسان کي وقت جا حڪمران ٻڌائن ته ڇا اوقاف کاتو سنڌ رڳو پئسا ڪٺي ڪرڻ لاءِ درگاهن تي اچي ٿي باقي عملي طرح سنڌ حڪومت ڪڏهن اپاءَ وٺندي جهڙوڪ؛ سڀ کان اڳ ۾ سنڌ سميت سمورين درگاهن خانقاهن تي سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا وڃن،جنهن لاءِ رينجرس جون خدمتون سرانجام ڏنيون وڃن،درگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ ايلٽ فورس يا ڪو ٻيو اهڙو انتظام رکيو وڃي جنهن سان عقيدتمند نوجوان مرد ۽ عورتن سميت معصوم ٻارڙن جون جانيون بچي سگهن.درگاهن جي ڀرسان ايمرجنسي طور تي اسپتالن علاج معالج جون مڪمل سهولتون هر حال ۾ ڏنيون وڃن، درگاهن جي ڀرسان قائم ٿيل ريسٽورنٽ هوٽل،دڪانن ۽ شين جا اسٽال بند ڪرايا وڃن ۽ اهي پري لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي،درگاهن تي وڌندڙ فقيرن جي روپ ۾ مافيائن ۽ اهڙي ڪاروباري قسم جي ماڻهن جي روڪ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، عظيم درگاهن جي نالي تي ڪجهه نام نهاد ماڻهن جي غير مناسب ڪمن ۽ ڀرسان ٿيندڙ ناجائز کيل تماشن ۽ فحاشي، چرس، آفيم ، شراب، هيروئن، ڀنگ منشيات وغيره  جي خاتمي لاءِ حڪومت سنڌ عملي طرح قدم کڻي.درگاهن جي احاطي ۾ ئي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ درگاهن جي اندر خرافات غير اسلامي طريقڪار تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي جنهن سان ڪنهن به مسلڪ ۽ مذهب جي ماڻهن جو دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هيءُ درگاهون سڀني لاءِ مقدس ۽ عظيم آهن اتي هر هڪ مذهب ،طبقي، مسلڪ ۽ فرقي توڙي خلق خدا فاتحه خواني درود و سلام جا نذرانه عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ اچن ٿا.، سنڌ جي درگاهن تي هر حال ۾ بهتر قسم جون ۽ اعليٰ ڪوالٽي جون سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪيون وڃن جيئن انساني جانيون بچي سگهن.اسان وٽ افسوس اهو آهي ته جڏهن ڪو واقعو رونما ٿيندو آهي تڏهن وٺ وٺ ٿي ويندي آهي باقي نه ته مڙيئي خير آهي وارو عمل جاري رهندو  آهي نه ته ٿيڻ ائين گهرجي ته انهن واقعات کان اھ سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به بدبخت دهشتگرد جي پيءُ کي به مجال نه ٿي سگهي ته اهي ڪنهن به بي گناهه ماڻهو جي زندگيءَ سان کيڏي انساني جان کسي سگهن. فتح پور جهل مگسي جي سيد چيزل شاهه جي درگاهه واري واقعي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت ڄڻ ته خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ سڄي ذميواري رڳو بلوچستان حڪومت تي رکي وئي آهي يقينن حڪومت بلوچستان به ذميوار آهي پر وفاق رڳو پنهنجو ميار لاهڻ وارو اخباري بيان جاري ڪري ۽ مذمت ٿا ڪريون ۽ انهن خلاف ڪاروائي ٿيندي انڪوائري ٿي رهي آهي معنيٰ ته روايتي جملا ڳالهائي جان نٿي ڇڏائي سگهجي پر وفاق کي به جهل مگسي جي واقعي ۾ ائين ئي اڳتي اچڻ گهرجي جيئن ڪنهن مهذب معاشري ۾ انساني همدردي طور ۾ عملي طرح پنهنجو پاڻ ملهائڻ گهرجي. انسانيت جي ويرين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ فوري طور تي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پرڏيهي افغاني، برمي، بنگالي،وزيرستاني، باجوڙ ايجنسي سميت اهڙن علائقن جي ماڻهن جي روڪڻ لاءِ عملي طرح ڪراچيءَ ۾ آپريشن جي صورت ۾ عملي طرح آپريشن ڪرڻ گهرجي ۽ جتي جتي به اهي غير ملڪي پرڏيهي ترسيل ماڻهو آهن انهن کي هر صورت ۾ پنهنجن ملن ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ ڪنهن به سفارش ۽ رشوت جي رقم قبول نه ڪئي وڃي ۽ انهن کي ڪا به رعايت نه ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جا شهر ئي محفوظ نه ٿا رهن ته ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي؟. حيرت انهيءَ لاءِ ٿا چئون ته هن ڌرتيءَ تان ڪڏهن به بم ۽ بارود جي ڳالهه ناهي ٿي هيءَ سڄي وباءَ بم ۽ بارود جي بيماري انهن غير ملڪي ۽ پرڏيهي لوڌيل ڪٽڪن جي صورت ۾ آيلن جي آهي. جيڪي وانا ، وزيرستان، افغانين جي صورت ۾ اسان مٿان لٿي آهي،نه ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنهن به حصي ۽ پاسي ۾ اهڙي بم ۽ بارود جي بوءِ جو ڪو سوچي به نٿو سگهي ته پوءِ هيءُ وحشي پڻي ۽ ڪٽر پڻي جي پيداوار طالبان يا داعش وارا اسان جي شهرن ۾ ڪيئن ڪاهي پيا آهن جتي رت جي راند کيڏي اسان جي جيئرن جاڳندن ماڻهن کي موت جي منهن ۾ آڻي اسان جا شهر ۽ وستيون واهڻ غير محفوظ بنائڻ جي سازش ڪن ٿا ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هر بار رڳو مذمت ۽ روايتي ڳالهيون ورجايون وينديون آهن هاڻي حڪمرانن کي هر بار ساڳيون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ عملي طرح دهشتگردن جي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ 5 ڏينهن ۾ 8 خوني رت سان ڀريل واقعات ٿين اتي ماڻهو ڪيئن پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهي ٿو ؟. هر طرف رت ۾ ٻڏل لاشا ۽ انهن جي اولاد يتيم ٻچڙا ، بيواهه عورتون ،وارث ۽ والدين وقت جي حڪمرانن کان سوال ٿا ڪن ته جيڪڏهن توهان هاڻي به نه اٿيا انهن دهشتگردن خلاف ته ڪڏهن اٿندا ؟.انهن دهشتگردن جي هر موڙ تي نه صرف مذمت پر عملي طرح قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن جي جڏهن هر موڙ ۽ رستي تي سختيءَ سان روڪ ٿام ٿيندي تڏهن ئي پنهنجي قوم سک جو ساهه کڻندي ۽ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿيندو. جهل مگسي جو واقعو دهشتگرديءَ جو واقعو سڀني انسانيت جو درد رکندڙن لاءِ حيرت جوڳو واقعو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ سختيءَ سان حڪومتي اپاءَ وٺڻ جي اشد ضرورت آهي ۽ درگاهن خانقاهن جي سيڪيورٽيءَ جا انهيءَ حوالي جي ڪري سخت ترين قدم کنيا وڃن جو اتي صوفياڻي انداز وارا ماڻهو فقراءَ پنهنجي روحاني سڪون لاءِ ڪجهه گهڙيون اچي روحاني ڪيفيت ۾ سڪون وٺن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top