ڪنهن مولوي کي جهاد جي اعلان جو حق ناهي، ڪير به ڪنهن کي غير مسلم قرار نه ٿو ڏئي سگهي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) جهاد جي اعلان جو حق ڪنهن مسجد جي مولوي کي نه پر رياست کي آهي، مسلم ۽ غير مسلم بابت فيصلو به رياست جو اختيار آهي، ڪو مولوي ڪنهن کي غير مسلم قرار نه ٿو ڏئي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته اسلام جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي ڪفر جون فتوائون جاري ڪندڙ خلاف سائبر ڪرائيم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته جهاد جي اعلان جو حق ڪنهن مسجد جي مولوي کي نه پر رياست کي آهي، مسلم ۽ غير مسلم بابت فيصلو به رياست جو اختيار آهي، ڪو مولوي ڪنهن کي غير مسلم قرار نه ٿو ڏئي سگهي. گهرو  وزير چيو ته جهاد ڪرڻ جو اعلان رياست جو حق آهي، جهاد جي فتويٰ نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته دشمن مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهين ٿا، اسان پاڻ ۾ يڪجهتي جو رستو اختيار نه ڪيو ته دشمن جي ضرورت نه پوندي، مذهبي قيادت کي اڳتي وڌڻو پوندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي جنهن جي دل چاهي ٿي، فتويٰ جاري ڪري ڇڏي ٿو، آئين ۽ قانون ۾ ان جي گنجائش نه آهي، جيڪڏهن ڪو شخص اهڙو قدم کڻندو ته ان خلاف سائيبر ڪرائيم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. احسن اقبال چيو ته ڪو به ٺيڪدار نه آهي، نه ئي ڪنهن کا سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن به پاڙي واري مولوي کي مسلم ۽ غير مسلم قرار ڏيڻ جو به حق نه آهي، ختم نبوت تحريڪ تي قانون سازي پارليامينٽ ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته فتوائن جو سلسلو شروع ٿيو ته ملڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويندو، اسان جي ملڪ ۾ سزا جو نظام فتويٰ جي شڪل ۾ ڏنو ويندو آهي، جنهن جي دل چوندي آهي اٿي ٻئي خلاف ڪفر جي فتويٰ جاري ڪندو آهي. اسان جا عالم اڳتي وڌن ۽ اهڙي قسم جي رجحانن جو خاتمو آڻين. هن چيو ته ڪنهن جي قتل جو فيصلو ٿيڻ يا نه ٿيڻ رڳو تعزيرات پاڪستان تحت ٿي سگهي ٿو. احسن اقبال چيو ته جنهن ڪنهن شخص الله ۽ سندس رسول تي ايمان جو اعلان ڪري ڇڏيو ته ڪنهن کي حق نه ٿو پهچي ته سندس ايمان تي شڪ ڪري، مذهبي نفرت تي ٻڌل سياست ڪريل ڏوهه آهي، اسان کي اتحاد سان دهشتگرديءَ کي شڪست ڏيڻي آهي، جيڪڏهن پنهنجي ڳچين ۾ هٿ رهيا ته پنهنجي تباهيءَ لاءِ ڪنهن دشمن جي ضرورت نه پوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top