ايم آر ڊي جا شهيد اسان جو سرمايو آهن، سندن قربانين کي وساري نٿو سگهجي:مراد علي شاهه

نوابشاهه، سڪرنڊ (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم آر ڊي جا شهيد اسان جو سرمايو آهن، انهن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جا اسين وارث آهيون، انهن شهيدن جي قربانين سبب ئي اسين اقتدار ۾ آهيون، هن چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ايم آر ڊي جي شهيدن ملڪ جي ترقي، عوام جي خوشحالي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جانين جا نذرانه ڏنا. اسان انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ جمهوريت جو قافلو روان دوان آهي، رڪاوٽن ۽ سازشن باوجود جدوجهد جاري رهندي. آمريت جي خلاف خالي هتين پر امن جدوجهد ڪندڙ ضلعي شهيد بينظير آباد جي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي ۱٦ شهيدن جي ۳۴ ورسي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ملهائي وئي. انهي موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير امداد علي پتافي، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه، ايم پي اي سليم رضا جلباڻي، پ پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري، علي نواز چانڊيو، شهنشاهه لڪياري ۽ ٻين شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ شهيدن جي ورسي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شهيدن جي تصويرن تي گلن جي ورکاءَ ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top