ايڊمرل ظفر محمود پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ سنڀالي ورتي

اسلام آباد (م ڊ) نيول ڪمپليڪس ۾ نيول چيف جي ڪمان جي تبديلي جي تقريب ٿي جتي ايڊمرل ظفر محمود عباسي پاڪستان نيوي جي سربراهه طور چارج سنڀالي ورتي. رپورٽ مطابق نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ نيول چيف جي ڪمان جي تبديلي جي تقريب ٿي جنهن ۾ ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله ڪمان نئين سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي حوالي ڪئي، جنهن کانپوءِ ايڊمرل ظفر محمود عباسي پاڪستان نيوي جو ۲۱ هون سربراهه بڻجي ويو آهي. ايڊمرل ظفر محمود عباسي شروعاتي تربيت رائل نيول ڪاليج ڊارٽ مٿ انگلينڊ مان حاصل ڪئي، ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۱۹۸۱ع ۾ نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، کيس مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف جي عهدن تي ڪم جو وسيع تجربو آهي، ظفر محمود عباسي گهڻ ملڪي ٽاسڪ فورس ۱۵۰ جي ڪمانڊ به ڪري چڪو آهي ۽ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس هلال امتياز ملٽري سان نوازيو ويو هو. واضح رهي ته صدر ممنون حسين ۳ آڪٽوبر تي ايڊمرل ظفر محمود عباسي کي نيوي جو سربراهه مقرر ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top