تعليم جي بهتري لاءِ ورتل اڻپورا اُپاءَ

ممتاز همراهي

                 اها هڪ حقيقت آهي ته هن وقت سنڌ جي تعليم گهڻو پٺتي پئجي چڪي آهي. دنيا جي سڌريل معاشري سان پنهنجي تعليم کي ته نه ٿا ڀيٽي سگهون پر جيڪڏهن پنهنجي ئي ملڪ جي ٻين صوبن جي تعليم کي ڏسنداسين ته تعليم جي حوالي سان اسان سڀني صوبن کان پوئتي پئجي چڪا آهيون. جنهن جا ذميوار تعليم کاتي جا اعلى عملدار ته ضرور آهن ئي آهن پر ڪجهه سنڌي معاشري جي بي ڌياني به ٿي سگهي ٿي. پر هن وقت وري به ڏسجي ته تعليم اندر بهتري آڻڻ لاءِ ڪجهه ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها به اعلى اختيارين جي ڪا مهرباني نه پر سنڌي معاشري جي سڃاڻ ڌرين ۽ استادن جي ڪوشش چئي سگهجي ٿي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اڄ به ڪيترائي اسڪول وڻن هيٺان هلي رهيا آهن. سڃاڻ ڌرين ۽ استادن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن وقت به سنڌ جي تعليم لاءِ سنجيدگي سان نه سوچيو ويو ته سنڌ جي تعليمي ادارن سان گڏوگڏ سنڌ جا سڀئي ادارا متاثر ٿي سگهن ٿا. ڇو ته انهن ادارن جي بهتري ۽ بنياد تعليم سان ئي واڳيل آهي ۽ تعليم جي پٺتي پوڻ سان هي سمورو معاشرو هر حوالي سان پٺتي پئجي ويندو جنهن کانپوءِ هن وقت اعلى عملدار به ڪجهه متحرڪ نظر اچن ٿا. هن وقت تعليم جي بهتري لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا پيا وڃن يا جيڪي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان کان پهريان اهو ڏسڻ ضروري آهي ته سنڌ جي تعليم جا بنيادي مسئلا ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙين شين جي کوٽ آهي جن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪجهه جاچڻ کانپوءِ ئي ڪو اپاءُ وٺنداسين ته اهو تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن تجربي طور تي ڪي اُپاءُ ورتا ٿا وڃن ته اهو وقت جي ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ تعليمي نظام کي اڃان به وڌيڪ پٺتي ڌڪڻ برابر هوندو. هن وقت جيڪا تعليمي سسٽم اندر کوٽ آهي. اها آهي 1. سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن جي کوٽ 2. اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ 3. تعليم کاتي تي گهٽ بجيٽ جو استعمال ٿيڻ 4. اسڪولن جي خراب حالت 5. اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ 6. غير معياري تعليمي پاليسيون ۽ 7. غير مؤثر اسڪول مئنيجمينٽ . هاڻي جيڪڏهن اسان تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ گهربل هنن بنيادي شين کي مدِ نظر رکي ڪي اپاءُ وٺنداسين ته يقينا سنڌ جي تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي.

تازو يونيسيف پاران اسڪول اسٽريٽجڪ پلان 2017-22ع جي منظوري ڏيندي پنهنجي سروي رپورٽ ۾ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ جيڪا تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي هئي اها صرف نالي ۾ ئي لڳائي وئي هئي. ان دوران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن ۽ تعليمي ۾ ڪابه بهتري نه اچي سگهي آهي. 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ صاف پاڻي ۽ باٿ روم ميسر نه آهن. 14 آگسٽ 2017ع تي ميڊيا سامهون اهڙو ئي اعتراف سيد خورشيد احمد شاهه خود پاڻ به ڪري چڪو آهي ته سنڌ جي 70 سيڪڙو پرائمري تعليم متاثر ٿي چڪي آهي. هن وقت جيڪا اسان کي ميڊيا ذريعي اسڪولن اندر بنيادي سهولتن جي کوٽ جي باري ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ۽ استادن جي کوٽ سبب اسڪولن جو تيزي سان بند ٿيڻ  جي باري ۾ ٻڌايو ٿو وڃي يا مختلف ادارن جي سروي رپورٽ ۾ جن شين جي کوٽ ٻڌائي ٿي وڃي. سڀ کان پهريان تعليم اندر ان ٻڌايل کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ تڪڙا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. بجاءِ جو بنيادي مسئلن کان هٽي ٻين شين تي سوچيو وڃي. باقي هن وقت جيڪو چيو ٿو وڃي ته اسڪولن ۾ استادن جي حاضري بهتر نه آهي ۽ استاد اسڪولن ۾ نه ٿا وڃن، ٿي سگهي ٿو ته ڪي چند استاد ڪا ڪوتاهي به ڪندا هجن باقي ان ڳالهه ۾ ڪا ايتري صداقت نه آهي ته استاد اسڪول ۾ نه ٿا وڃن. استاد اسڪولن ۾ به ريگيولر ڊيوٽي به ڪن ٿا ته ايمانداري سان پڙهائي به رهيا آهن. هن وقت جيڪي سنڌ ۾ اسڪول خالي آهن ان جو سبب استادن جي کوٽ آهي جيڪڏهن استاد موجود ئي نه هوندا ته اسڪولن ۾ ويندا ڪٿان. هن وقت تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا پيا وڃن اهي آهن بائيوميٽرڪ سسٽم آڻڻ، تعليم کاتي جي آفيسرن لاءِ ڪروڙين روپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ، سرڪاري اسڪولن کي پرائيويٽ ڪرڻ، هيڊ ماستر ڀرتي ڪرڻ ۽ استادن کي ٽريننگ ڏيڻ وارو سلسلو شروع ڪرڻ. ٺيڪ آهي هي سڀئي شيون به تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ گهرجن ٿيون پر هن وقت تعليم کاتي کي جيڪي بنيادي مسئلا درپيش آهن انهن جي حل لاءِ ڪي به اُپاءُ نه ٿا ورتا وڃن يا جيڪي اعلى اختياريون تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيون آهن انهن مان ڪنهن به هڪ جو تعلق تعليم جي بنيادي مسئلن سان نه آهي. ان ڪري سڀ کان پهريان بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، تعليمي عمل لاءِ سڀ کان پهريان استاد ۽ اسڪول جي ضرورت پوي ٿي تنهن ڪري سنڌ ۾ استادن ۽ اسڪولن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي جنهن کانسواءِ تعليمي عمل ناممڪن آهي. اسڪولن اندر سهولتن جي کوٽ آهي جيئين صاف پاڻي، بجلي، باٿ روم ۽ اسڪولن جي چؤديواري آهي فوري طور تي مهيا ڪيا وڃن. ان کانپوءِ نصابي ڪتابن جو معياري هجڻ ضروري آهي ان تي ڌيان ڏنو وڃي. تعليم کاتي جي بجيٽ کي وڌايو وڃي ته جيئن اسڪولن اندر وقت سر سهولتون مهيا ڪري سگهجن، معياري تعليمي پاليسيون جوڙيون وڃن جن جي ذريعي تعليمي معيار کي وڌائي سگهجي، نصابي ڪتاب، غيرمعياري هجڻ سان گڏ انهن اندر لکائي جون تمام گهڻيون غلطيون ڪيون وڃن ٿيون ان لاءِ نئون معلوماتي ۽ غلطين کان پاڪ نصاب تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسڪول انتظاميه کي سٺي نموني جون ٽريننگون ڏيڻ گهرجي ته جيئن هيڊماستر يا پرنسپال اسڪول جي انتظام کي صحيح نموني هلائي سگهن ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهن جيڪڏهن هي بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن ته ته به سنڌ جي تعليم اندر بهتري اچڻ شروع ٿي ويندي ۽ پوءِ آهستي آهستي تعليمي نظام اندر نوان سڌار آڻي تعليم کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. باقي ٻيون شيون بعد ۾ ٿيون اچن جيئن مانيٽرنگ آهي. آفيسرن لاءِ گاڏيون يا وڏيون آفيسون ٺاهڻ ۽ هن وقت اسڪولن جي مانيٽرنگ لاءِ جيڪو بايوميٽرڪ سسٽم آندو ويو آهي ان لاءِ هر روز اخبارن ۾ ڪانه ڪا منفي خبر پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بايوميٽرڪ سسٽم ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه هن وقت نون هيڊماسترن کي جيڪا ٽريننگ ڏني ٿي وڃي اها به ايتري بهتر يا مؤثر نه ٿي ڏني وڃي جو هيڊماستر اسڪولي انتظام کي بهتر هلائي سگهن. اهوئي سبب آهي جو روز ڪنهن نه ڪنهن اسڪول اندر هيڊماستر ۽ استادن جي وچ ۾ اڻ بڻت وارو ماحول جنم وٺي ٿو. ان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته هيڊماستر ۽ پرنسپالن کي ڏني ويندڙ ٽريننگ کي بهتر ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسڪول انتظاميه ۽ استادن وچ ۾ بهترين ماحول جڙي سگهي ۽ اسڪول اندر تعليمي عمل کي بهتر ڪري سگهجي.

منهنجي هن مضمون جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ گهرجن باقي هن وقت جيڪي اُپاءُ ورتا پيا وڃن ان سان تعليمي عمل اندر ڪا خاص بهتري نه ٿي اچي سگهي ڇو ته ورتا ويندڙ اُپائن سان تعليم جا بنيادي مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهجن.

mumtazhumrahi@gmail.com

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top