درگاھه چيزل شاھه تي ٿيل آپگھاتي حملو

مسرور سيال

                 محرم جو ڏاهاڪو پرامن نموني گذري وڃڻ کان پوءِ سک جو ساھه اڃا مس پٽيو ته وري خبر ملي ته بلوچستان جي علائقي جھل مگسي ۾ درگاھه چيزل شاھه فتح پور ۾ آپگھاتي حملو ڪيو ويو جنهن سبب ڪيتريون  ئي بيگناھه جانيون ضايع ٿي ويون ۽ 50 کن زخمي ٿي پيا هن حملي ۾ به حڪومت جي بي حسي نظر آئي ۽ هن حملي کانپوءِ اُهو پڻ احساس اڀريو آهي ته دهشتگردن خلاف ٿيندڙ آپريشن کانپوءِ به سندن پاڙ نه پٽجي سگھي آهي ۽ دهشتگرد پنهنجون سرگرميون جاري رکيون پيا آهن ائين به ناهي ته ڪو آپريشن جي ذريعي عوام کي ڪو فائدو نه پهتو آهي بلڪل دهشتگردن جي چيلھه چٻي ٿي آهي پر سندن پاڙ نه پٽي آهي اصل ۾ جيسيتائين سندن پاڙ نٿي پٽجي تيسيتائين عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿو ايسيتائين جو هتان جون اُهي صوفي بزرگن جون درگاهون به غير محفوظ آهن جتي امن جو پيغام ڏنو وڃي ٿو جتي دنيا جا ستايل انسان سڪون جي خاطر اچن ٿا اتي به ڌماڪا ڪري انسان جو سڪون کسيو پيو وڃي شاھه نوراني سرڪار جي درگاھه کان پوءِ سرڪار  قلندر لال شهباز جي درگاھه تي ٿيل آپگھاتي ڌماڪن کان پوءِ درگاھه چيزل شاھه تي ٿيل حملي مان ثابت ٿئي ٿو ته دهشتگرد هڪ منصوبابندي تحت ڪم ۾ لڳا پيا آهن ڪهڙو سبب آهي جو انهن جي منصوبا بندي جي  خبر اسان جي ادارن کي ڇو نٿي پوي ….. ان ڪري نٿي پوي ته اسين دهشتگردي خلاف منصوبابندي هيٺ ڪم نه ڪري رهيا آهيون ان وقت سڀ ڪن اُڀا ڪن ٿا جڏهن ڪو حادثو ٿي وڃي ٿو پوءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيون ٿا شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي مسجد ۽ امام بارگاھه تي ٿيل حملن جا ماسٽر مائنڊ ، سهولتڪار آزاد ٿي وڃن ٿا سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته اُهي آزادي کان پوءِ شريف بڻجي ويندا آهن يا وڌيڪ ڪاروائين لاءِ سرگرم ٿي ويندا آهن اسان جي ملڪ جو قانون به عجيب آهي ڏوهاري باعزت بري ٿي وڃن ٿا …. اهڙي صورتحال ۾ امن ڪٿان قائم ٿيندو اسان جي سرڪار قانون سازي رڳو پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ پنهنجي نااهلي بچائڻ لاءِ ڪرڻ ۾ پورا آهن پر عوام کي تحفظ ڏيڻ سندن ترجيح نه آهي ۽ اهڙن مان اميد به نه رکڻ گھرجي ان ڪري ته جيڪي عدالتن مان نااهلي جا عزاز وٺي چڪا هجن اُهي ملڪ ۾ اهليت ڪٿي اهميت ڏيندا عوام جي حقن لاءِ ڪهڙي قانون سازي ڪندا . درگاھه چيزل شاھه تي ٿيل دل جھوريندڙ واقعو وفاقي حڪومت توڙي بلوچستان حڪومت جي نااهلي جو واضع ثبوت آهي جيڪا حڪومت عوام کي تحفظ نه ڏئي سگھي ان کي اهل ڪئين ٿو چئي سگھجي… خير اسان وٽ جنهن  کي به نااهلي ياد ڏياري وڃي ٿي اُهو موٽ ۾ الزام هڻي ٿو سو حڪومت به اهڙي سوچ رکندڙ آهي مخالف ڌر پاران لڳايل الزامن جي وضاحت بجاءِ مٿن الزام لڳايا وڃن ٿا اسان وٽ وضاحت ڏيڻ به هڪ توهين سمجھي وڃي ٿي پنهنجي ناڪامي کي تسليم ڪرڻ انا جو مسئلو سمجھيو وڃي ٿو اُهو ئي سبب آهي جو غلطين مٿان غلطيون ڪيو وڃن ٿيون . ملڪ ۾ امن و امن جو مسئلو ڪيتري حد تائين بهتر آهي اُهو حڪومت کان پڇجي ته هُو سو سيڪڙو بهتر ٻڌائيندا پر جي عوام کان پڇجي ته هُو زيرو ٻڌائيندا ان جو ثبوت دهشتگرد واقعا آهن پر انهن ثبوتن کي به حڪومت نظر انداز ڪري ڇڏي ٿي ، اسان وٽ صوفي بزرگن جا عرس مبارڪ ٿين ٿا جيڪي اڪثر محرم کان پوءِ شروع ٿي وڃن ٿا جتي وڏي انگ ۾ عقيدتمند اچن ٿا ان ڪري حڪومت کي انهن درگاھن جي حفاظت لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرجن ائين نه ٿئي ته ڪو وڏو واقعو ٿي پوي پوءِ حفاظتي قدم کنيا وڃن جئين هاڻ درگاھه چيزل شاھه تي ٿيل حملي کان پوءِ درگاهن جي سيڪورٽي ڪئي پئي وڃي اسان جي صوفي بزرگن جي درگاهن  تان امن ، محبت جو درس ملي ٿو انسان کي حوصلو ملي ٿو بزرگن جي عملي زندگي مان درس ملي ٿو جيڪي پنهنجي زندگي کي عظمتِ انسان لاءِ گذارين ٿا انهن جاين تان درس وٺندڙن مٿان حملا ڪيا وڃن بم ڌماڪا ڪيا وڃن ته پوءِ باقي ڪهڙيون جايون بچن ٿيون جتي انسان سک جو ساھه کڻن ان ڪري ته اسان وٽ مسجدون ، امام بارگاهون ، مندر ، چرچ ، ڪليسائون به محفوظ ناهن هاڻ ته درگاهون به غير محفوظ بڻجي ويون آهن ۽ دهشتگردن جي نشاني تي  آهن ، اهڙي صورتحال رهي ته پوءِ عوام ۽ حڪومت ۾ وڏا ويڇا هوندا تنهن ڪري حڪومت کي گھرجي ته دهشتگردن جي چيلھه چٻي ڪرڻ بجاءِ انهن کي پاڙان ختم ڪن ته جئين دهشتگردي جو ناسور ختم ٿي وڃي . حڪومتون چاهين ته ڪوبه ڏکيو ڪم ناهي پر خبر ناهي اُهو نيڪ ڪم ڪرڻ کان اسان جا حڪمران ڇو لنوائي رهيا آهن جڏهن ته وٽن سمورا وسيلا موجود آهن ۽ دهشتگردن وٽ ايترا وسيلا نٿا هجن جيترا سرڪار جي فورس وٽ هجن ٿا ، ان باوجود به دهشتگرد پنهنجون ڪاروايون ڪري وڃن ٿا ۽ سرڪاري فورس ليڪو ڪٽڻ ۾ پورو هجي ٿيهاڻ ڏسجي ته درگاھه چيزل شاھه ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي خلاف ڪيتري مضبوط ڪاروائي ڪئي وڃي ٿي  يا نه ….. يا ماضي جيان روائتي انداز اختيار ڪيا وڃن ٿا جئين اڳ ٿيل واقعن کان پوءِ ڪيا ويا هئا لڳي ائين ئي رهيو آهي ته اسين روائتي اندازن مان اڃا نڪري نه سگھيا آهيون اسان جا حڪمران ملڪ ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ جيڪو روائتي انداز رکيون پيا اچن ان ڪري ئي امن وامان قائم نه پيو ٿئي ۽ هر دفعي ڪو ڪونه ڪو دهشتگردي جو وڏو واقعو ٿي وڃي ٿو ۽ ملڪ سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو هاڻ ته اُهو سڪتو به  ختم ٿيندو پيو وڃي مطلب ماڻهو انهن واقعن جا ڄڻ عادي بڻبا پيا وڃن کين ڪا به حيرت نه ٿي رهي آهي ٻيو وري احتجاج به ايترا اثرائتا به نه ٿي رهيا آهن ان ڪري به ته احتجاجن سان مسئلن جو حل نڪري نٿو سگھي بس احتجاج ڏک سوڳ ۾ تبديل هجن ٿا هتي اِها ڳالھه به سمجھڻ جي آهي ته درگاھن تي حملن تي مخصوص مذهبي تنظيمون به خاموش رهن ٿيون جن کي برما ۾ مسلمانن مٿان ظلم جو وڏو ڏک ۽ درد ٿئي ٿو انهن کي پنهنجي ملڪ جي مسلمانن جا بم ڌماڪن ۾ چچريل ۽ سڙيل لاشن تي ڪو ڏک نٿو ٿئي ۽ هُو احتجاج به نٿا ڪن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جون اهڙيون مذهبي ڌريون مذهبي دهشتگردي تي خاموش رهي  پاڻ انهن دهشتگردن جي خيالن سان هم خيال محسوس ڪراين ٿا اهڙي طرح اهڙن دهشتگردن کي سهولتڪاري جو ڪم به اهڙي سوچ رکندڙ ڏين ٿا وڏي ڳالھه ته اُهي وري اسان جي حڪومتن جو حصو هجن ٿا انهن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي هجي ٿي …..! اسان کي اهڙين ڌرين تي به نظر رکڻ گھرجي جيڪي مذهبي دهشتگردي جي سوچ کي هٿي ڏئي رهيون آهن ……

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top