سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد ( اسٽاف رپورٽر) هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اڄ به غلامي پکڙيل آهي، پيپپلزپارٽي سنڌ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي، هاري ۽ پورهيت بنيادي انساني حقن کان ئي محروم آهن، سنڌ جي اڄ جي حالتن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن ڪردارن جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 117 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، سالگرهه تقريب ۾ سياسي ۽ قومپرست ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي چيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ سان عشق ڪيو، هو هارين جي حقن لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو، حيدر بخش جتوئي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سنڌ جي ماڻهن سان پيار ڪيو، جنهن جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪا مشعل ٻاري هئي اها اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ميرن، پيرن، وڏيرن، ڀوتارن ۽ انگريزن کي للڪاريو، جنهن تي هن خلاف ڪافر جون فتوائون به جاري ڪيون ويون، پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو حوصلو ڪڏهن به پست نه ٿيو، هن هارين ۽ مزدورن کي زبان ڏني، بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ محب وطن ماڻهن کي اسيمبلين ۾ اچڻ کان روڪيو ويو ۽ اسيمبلين ۾ لٽيرن ۽ رجعت پرستن کي موڪليو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت غلامي واري صورتحال آهي، زرداري سنڌ کي اڏوهي جيان کائي رهيو آهي. ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ گلاب جي گل جيان هو، جيڪو اڃا تائين ماحول کي مهڪائي ٿو، حيدر بخش جتوئي وڏو اسڪالر هو، هن جي دل پورهيت طبقي ۽ پنهنجي مٽيءَ لاءِ ڌڙڪندي هئي، هن وڏين نوڪرين کي ڇڏي هارين جو ساٿين ڏنو. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو اهو واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ کي سياسي شاعري ڏني، هو سنڌ جي سياسي شاعري جو باني آهي. پروفيسر شير محمد مڱريو چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد مثالي هئي، پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ هاري اڄ به مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، هارين ۽ مزدرون جي ڪير به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته جيڪڏهن باباءِ سنڌ جي نظريي تي عمل ڪيون ها ته اڄ سنڌ سورن ۾ نه هجي ها، اڄ به سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار تانيا خاصخيلي جهڙن نياڻين جا لاش ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي منصور قادر جوڻيجو، احمد انقلابي، ضمير لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته قومي راڳي ٻيجل سنڌي قومي گيت ٻڌايا ۽ سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top