وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان پ پ کي ٻيهر ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ جي آڇ

نوشهروفيروز/ مورو ( نمائندن وٽان ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ دفعو ٻيهر پيپلز پارٽي کي ميثاق جمهوريت تي عمل جي آڇ ڪندي چيو آهي ته جمهوريت ئي ملڪي ترقي جي علامت آهي: نوشهروفيروز ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته رڳو کوکلن نعرن سان ملڪي مسئلا حل نه ٿيندا آهن. هن چيو ته نواز شريف هميشه ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته  2013ع جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي اڄ وڌيڪ وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته وسيلا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ته حڪومت جي ناڪامي هوندي آهي. هن چيو ته اسان جو بنيادي اصول آهي ته نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي عوام کي ملڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته نوڪريون تنهن وقت ملنديون آهن جڏهن معيشت مضبوط ٿيندي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ ن حڪومت ۾ ترقي 3 سيڪڙو مان وڌي 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته نواز شريف واحد ليڊر آهي جيڪو ملڪي ترقي جي ڳالهه ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته 28 جولاءِ تي جتي امتحان هو اتي جمهوريت جي وڏي فتح به ٿي، مسلم ليگ ن رڳو ڳالهيون نه پر ڪم ڪري ڏيکاريا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حڪومت 28 جولاءِ جي عدالتي فيصلي کي قبول ڪيو آهي. هن چيو ته کين اميد آهي ته سياست جي جنهن معيار تي نواز شريف ۽ بينظير اتفاق ڪيو تنهن کي اڳتي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته پ پ سندس ڳالهيون تي غور ڪندي، اسان ميثاق جمهوريت جي سياست کي اڳتي کڻي هلڻ چاهيون ٿا. شاهد خاقان عباسي چيو ته جمهوريت ئي پاڪستان جي ترقي جي علامت آهي، انصاف تنهن وقت ٿيندو جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت هوندي. هن چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ چيو ويو ته مسلم ليگ ن ٽٽي ويندي ۽ هيڏي هوڏي ٿي ويندي پر سموريون اڳڪٿيون ناڪام ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته سڄ سموري سنڌ ۾ موٽرويز ٺهي رهيا آهن، سي پيڪ 50 سالن تائين ملڪ کي ترقي ڏياريندو. هن چيو ته ملڪي مفاد ۽ سياسي مفاد رکندڙن ۾ فرق هوندو آهي، سنڌ جي عوام کي ملندڙ پئسو سنڌ جي ماڻهن تي ئي خرچ ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نوشهروفيروز ۾ بجلي ۽ گئس جي رٿا لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محرابپور ٽائون ڪميٽي لاءِ 20 ڪروڙ، روڊن جي اڏاوت لاءِ هڪ ارب رپين جو پڻ اعلان ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top