پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو: اياز صادق

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني سطح تي لاڳاپن جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڳالهين جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏينهن برطانيا جي لارڊ ملڪام گري بروس سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، علائقائي ۽ عالمي تڪرارن تي ٻنهي ملڪن جي موقف ۾ هڪجهڙائي ڏٺي وڃي ٿي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت، پارليامينٽرين ۽ عوامي سطح تي رابطن کي باقاعده بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندين جي نئين سطح تي پهچايو وڃي، اسپيڪر زور ڏنو ته برطانيه والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلم ۽ بربريت جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڳالهين جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي، اسپيڪر پاڪستان ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ پارليامينٽ جي قانونسازي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ برطانوي مدد کي ساراهيو. هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن سان هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي. اسپيڪر کيس پارلياماني پريڪٽس ۽ قانونسازي جي ڊرافٽنگ جي حوالي سان يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪورس متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو، اسپيڪر کيس پارليامينٽ هائوس جي شمسي توانائي جي ذريعي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي باري ۾ به آگاهه ڪيو، لارڊ ميلڪالم گري بروس اسپيڪر جي ڳالهين کي ساراهيندي چيو ته برطانيه پاڪستان کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ اهم واپاري حصيداري سمجهي ٿو، هن چيو ته برطانيه پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ مدد وڌائيندو، هن اسپيڪر کي پارليامينٽرين ۽ اسٽاف جي قانون سازي جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ مدد فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي. لارڊ چيو ته پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪردار سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top