پي ٽي آءِ طرفان وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي اقامي جو معاملو عدالت ۾ اٿارڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) تحريڪ انصاف پرڏيهي وزير خواجه آصف کانپوءِ گهرو وزير احسن اقبال جي اقامي جو معاملو به عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ سان نارووال ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي چونڊ مخالف ابرار الحق ملاقات ڪئي. ملاقات دوران احسن اقبال جي اقامي جو معاملو عدالت ۾ کڻڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته احسن اقبال خلاف ايندڙ هفتي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي. بابر اعواڻ چيو ته احسن اقبال خلاف آرٽيڪل 62 جي ذيلي شق ايف ڪي تحت نااهلي جو ڪيس داخل ڪندو. ابرار الحق چيو ته احسن اقبال نار جي ملڪن جو اقامو تسليم ڪيو پر پنهنجي چونڊ گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي وزير جي اڪائونت مان ناقابل ترديد شاهديون حاصل ڪيون ويون آهن جنهن جي روشني ۾ عدالت احسن اقبال کي به نااهل قرار ڏيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top