ڪامريڊ خير محمد جوڻو جون ساروڻيون

صالح بلو

                 ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مقرر وقت تي مون سان ڳالهايو. اسان پاڻ ۾ کل ڀوڳ به ڪيا هن پير شاهه جي نياڻي جي فوت ٿيڻ بابت ٻڌايو مون کي به ڏاڍو افسوس ٿيو. پير شاهه سان به سٺا تعلقات آهن، ڊاڪٽر مون کان پڇيو ته ماستر رحيم بخش لاکو وٽ آيو مون چيو ته ڪو نه آيو چيائين ته مان رهڙ ڪڍانس ٿو ۽ هن فون بند ڪري ماستر رحيم بخش سان ڳالهائي وري مون سان ڳالهايو ۽ چيائين ته ماستر چوي ٿو ته هو صبح جو اڃا صفائي وارا ٻهارا نه ڏيندا پهچي ويندس. استاد رحيم بخش کي اهو به چيو ته ڪامريڊ کي عيد تي ضرور حيدرآباد وٺيو اچجان مون کي ٻڌايو چيو ته تنهنجي ڳوٺ اچي مڇيون کائينداسين، پوءِ هن سان ڏاڍي ڪجان ٿوري دير ڪو نه ٿي ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ زوردارآواز ۾ فون ڪندي چيو ته بلو ڊاڪٽر خير محمد جي حالت سيريس ٿي وئي آهي، اسپتال کڻائي وڃون پيا پنهنجا پير نڪري ويا ۽ مون هڪدم سندس ڳوٺ فون ڪئي، استاد رحيم بخش کنئين ۽ کيس حقيقت ٻڌائي ۽ سندس ڀائرن ڀائيٽن کي ٻڌائڻ جو چيو ۽ ڪراچي وڃڻ لاءِ چيو منهنجي طبعيت خراب هجڻ باوجود کيس چيو ته وڃون ته  مون کي کڻي هلجو اڃا ٿورو ٽائيم به ڪو نه گذريو وري  فون آئي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو فوت ٿي ويو مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هڪدم استاد رحيم لاکي کي روئندي چيم لفظ نه نڪتا ليڪن زور ۽ پاڻ تي صبر ڪري کيس ٻڌايو ته توهان جي اچڻ جي ضرورت ڪونهي ڊاڪٽر پاڻ ايڏانهن اچي پيو، جڏهن ته ڊاڪٽر عطا محمد کي ٻڌايو جيڪو حيدرآباد ڪراس ڪري چڪو هو مون کان روئڻ بند نه ٿئي، منهنجي ڀيڻ پڇيو ڇا ٿيو آهي مون چيو ته ڊاڪٽر خير محمد استاد کان جدا ٿي ويو، سڄي رات ننڊ نه آئي، صبح جو سوير عبدالقادر بلوچ ۽ عبدالقادر وٽ موٽرسائيڪل تي پهچي اها اتي ڇڏي عبدالقادر، عبدالجبار، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي ڳوٺ پهچي وياسين، شفيق بلو، جنهن بابت سدائين پڇندو هو، جيڪو گهر جو ڀاتي هو، جيڪي پڻ پهچي ويو اڪثر انهن جي ڳوٺ هر مسئلي شادي مرادي هليو ويندو، جنازو ايمبولينس ذريعي صبح جو پهچي ويو، جيڪو ڊاڪٽر جو ڀائيٽو عطا محمد، استاد رحيم بخش جو پٽ سندس گهر واري ڊاڪٽر زرينه، زاهد شيخ، ڊاڪٽر جبار خٽڪ جو ڀاءُ ناصر خٽڪ، عبدالعزيز ڊاڪٽر ايوب شيخ، زاهد جوڻو ۽ ٻيا کڻائي اچي پهتا، جڏهن ته احمد خان جمالي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻيا اداري جو استاد امير گهانگهر عمر، زرار پيرزاو، زلف پيرزادو ۽ ٻيا اسپتال ۾ گڏ هئا، ڊاڪٽر جبار خٽڪ احمد خان جمالي ۽ ٻيا باءِ پاس تائين هنجون هاريندا پهتا، جڏهن سوڍو جوڻو پڻ گڏ ايمبولينس تي پهتو ڪامريڊ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي ڪيل وصيت مطابق آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي پنهنجي امڙ جي قبر سان گڏ دفنايو ويو، سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري پوليس کي ٽرئفڪ سنڀالڻي پئي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جون اهي يادون جنهن منهنجي نيو سعيد آباد ۾ مائٽن جي گهران سئوٽ سان ٿيل شادي تي پنهنجي ڪلهي تي کڻي نچندو رهيو، جيڪو پنهنجن ڀائيٽن ۽ گهر ڀاتين سان گڏ ڳوٺ جي ٽيوب ويل تي پڪنڪ ڪندو رهندو هو، جتي منهنجي کيس فرمائش هئي ته اتي پڪنڪ پوائنٽ ۽ سوئمنگ پول ٺهراءِ جڏهن ته اسان جو بهترين پارڪ ٺاهڻ جو پروگرام هو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي خواهش هوندي هئي ته قبرستان کي چويداري اچي جيڪا خواهش نيٺ پوري ٿيندي اسان اڪثر ڦيرو ملياسين اي کي چوندا رهندا هئاسين ته اها ٺهرائي ڏي جڏهن ته ڊي سي او عبدالرزاق قريشي کي چيو ليڪن زندگي ساٿ نهڏنو ڳوٺ جي ڦٽل ڊرينيج سسٽم لاءِ پڻ رقم منظور ڪرائي ڳوٺ ۾ ڊسپينسري لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون، جنهن جي يادن تي وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو جنهن جو وڇوڙو اسان جا خواب اڌورا ڇڏي، جنهن متو ڄام جوڻي کان اهو کل ڀوڳ واريون ڳالهيون ڇڏائي ڇڏيون، جنهن استاد رحيم بخش پاران ٿيندڙ مذاق بند ڪرائي ڇڏيا، سندس خواهش کي دوست مٽ مائٽ وارث ني ٺ پوريون ڪندا، هاڻي متو ڄام جوڻو درويش ڪنهن سان انگل ڪندو، جنهن لاءِ قاضي احمد جا مخصوص دڪان ٽوپي جوتن، رومال، مفرلر لاءِ هوندا هئا، جو دڪاندارن بنا منافعي جيترو مليو وٺندا هئا، متو ڄام جيڪو ڊاڪٽر لاءِ وڏو پيارو هوندو، هو، جنهن کي نوٽن جي خبر ڪا نه هوندي اوطاق اڳيان واٽر ۾ پيو اگهاڙو وهنجندو هو، جنهن کي ڊاڪٽر ڪار جي اڳئين سيٽ تي کڻندو هو، مان صالح بلو، استاد رحيم لاکو، حاجي ابراهيم جوڻو، پوئتي ويٺل هوندا هئا، متو ڄام جا ڀوڳ جيڪو گهر وارين سان به پيو الائي ڇا ڳالهائيندو ڪير به ان کي ڪجهه نه چوندا هئا، مون کي به پهچڻ تي ڇيڙائيندو هو بلو بلو پيو سڏيندو هو اهو به خاموش بنيل آهي، جنهن پڻ جنازي جي ڀر ۾ بيهي خاموش بت بنيل هو،  خيرل هاڻي ڪڏهن ايندو جيڪو چوي ٿو ڪو نه ايندو هو پنهنجي منهن به گهمندو رهي ٿو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جيڪو زندهه دل انسان هو، ڪنهن کي ڪڏهن به نه رنجايو، ٻانهه ٻڌ، نوڙت سندس خوبين به شامل هئي، سندس ڀائيٽو حاجي يار محمد جاڙي جي پٽ جڏهن سنڌو دريا ۾ ٽپ ڏنو ته ڊاڪٽر خير محمد مان استاد رحيم بخش لاکو ۽ ٻين ٽن ڏينهن تائين دريا جي پاڻي کي ڏسندا رهيا، جتي سيد امداد محمد شاهه جي فرزند پڻ پاڻ ملهايو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جا اها قرب ۽ ڪچهريون تاريخي يادون ڇڏي ويون آهن، جيڪي ڪڏهن ختم نه ٿينديون ۽ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي ٽيليفون جي گهنٽي جو گهڻو انتظار هوندو هو، جيڪا آخري سان آخري گهنٽي هئي، هاڻي سندس مشن کي زندهه رکڻو آهي ۽ سندس سوچون ياد ڪرڻيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top