“ڪنڌ ڪوٽ – گهوٽڪي پل بچايو تحريڪ” شروع ٿي وئي، سوين شهرين جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ:گل محمد کوسو) ڪنڌ ڪوٽ  گهوٽڪي پل جو هنڌ تبديل ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي جي خلاف سياسي سماجي ڪاروباري ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پاران ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل بچايو  ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن جي اعلان تي شهر جي دل گهنٽه گهر چوڪ تي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، سماجي ورڪر شير محمد سهرياڻي، ليبر يونين اڳواڻ طارق خان باجڪاڻي،قومي امن ڪاميٽي جي رحمت الله چنه، ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي، پاڪ سر زمين جي بشير احمد ميراڻي، ميونسپل ڪاميٽي ڪائونسلر اڪبر گولو، قومي پرست اڳواڻ رمضان ڊومڪي، مسلم ليگ ن جي عزيز سميجو، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي،آڪاش مصطفي، شاهنواز مرهٽو،  گهايل سنڌي، سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو لڳايو ويو  جتي مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن ته پل جو هنڌ تبديل ڪرڻ نامنظور نامنظور، ڪنڌ ڪوٽ  جي عوام سان ناانصافي بند ڪيو، ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل اصل هنڌ تي تعمير ڪريو، سميت ٻيا نعرا لکيل هئا ۽ مظاهرين پل جي حوالي سان  ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي انهي دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ شهر ۽ گهوٽڪي شهر کي ملائڻ جي لاءِ پل تعمير ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فاندو ملندو ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي جو فاصلو ختم ٿيندو جيڪو ڪلاڪن جو سفر آهي اهو منٽن ۾ ٿيندو  واپاري ۾ به فائدو ملندو جنهن ڪري اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هي پل شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو هڪ خواب هو جيڪو اصل هنڌ تي ٺاهي ڪري پورو ڪيو وڃي جيستائين پل جي تعمير جو هنڌ اصل مقام تي نه ٿيندو اسان جو احتجاج جاري رهندو روزاني جي بنياد تي اسين گهنٽه گهر چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسي جنهن بعد تحريڪ کي مرحيلوار به هلائينداسين،  ٻئي پاسي علائقي جي بزرگ  ليبر يونين جي اڳواڻ مير هيبت خان باجڪاڻي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته پل جو اصل هنڌ جتي ڪيترائي ڀيرا سروي به ٿي آهي هي پل جو هنڌ تبديل سياسي مفادن جي ڪري ٿي رهيو آهي جيڪا ٻنهي ضلعي جي عوام سان ناانصافي ۽ جنهن کي اسين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين اسين هر محاذ تي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top