هميشه سچ جي پاسي ٿي بيهڻ وارو ماڻهو تاريخ ۾ زنده رهندو آهي: سنڌ جي سياسي اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ليکڪن، اديبن، صحافين۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته هميشه سچ جي پاسي ٿي بيهڻ وارو ماڻهو تاريخ ۾ زنده رهندو آهي، سنڌ جي سياسي تاريخ تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال ملاح سنڌ جي ويجهي ماضي جي اکين سان ڏٺل سياسي تاريخ ۽ پنهنجي زندگي تي تمام گهڻي ايمانداري  سان لکيو آهي، هن جي ڪتاب ۾ تنقيد بجاءِ مثبت ڳالهيون ملن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، ترقي پسند ليکڪ ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح جي ڪتاب “اسان مرڻا ناهيون” آتم ڪٿا جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي خطاب ڪندي چيو ته اقبال ملاح سچ جو پانڌيئڙو رهيو آهي، هو سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو آهي، هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تي وڏو ڌيان هوندو هو. ڪتاب جي ليکڪ، کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، ترقي پسند ليکڪ ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته منهنجي هي آتم ڪٿا واقعي مڪمل نه آهي. هن چيو ته سياست اسان جو عشق آهي ۽ عشق ۾ حساب ڪتاب ناهي هلندو، ان جو ڪو رڪارڊ ئي ناهي هوندو، نه ئي لکندا هئاسين. پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو ته اقبال ملاح لکي به وڏي چڱائي ڪئي آهي، پر هن ڪتاب جي بهاني سڀني ڪامريڊن کي گڏ به ڪيو اٿس. هن چيو ته اقبال ملاح اسان جي سياسي زندگي جو هڪ حصو آهي، هتي ويٺل منهنجا جيلن جا دوست ۽ جدوجهد جا دوست مليا آهن، منهنجا نظرياتي ساٿي به هتي موجود آهن. هن چيو ته هتي دوستن ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، جن جا جواب ڏيڻ گهرجن. هن چيو وڃي ٿو ته 30 هزار اسڪول بند آهن، پر اها ذميواري رڳو اسان جي حڪومت جي ناهي، اڳين حڪومتن کان به اهو سوال ڪيو وڃي. قومپرست اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪتاب ۾ شهيد مقصود قريشي جي حوالي سان لکيل آهي ته اسان ۽ صنعان قريشي اسپتال پهتا هئاسين، پر ائين ناهي اسان واقعي واري هنڌ ئي پهتا هئاسين، اهڙي طرح ٻيون ڪجهه ڳالهيون آهن، جن کي درست ڪرڻ گهرجي، پر بهرحال اقبال ملاح هن ڪتاب ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ اقبال ملاح ڪميونسٽ تحريڪ لاءِ جيڪو لکيو آهي ان سان آئون متفق آهيان. هن چيو ته ڪميونسٽن کان سنڌ غائب هئي، هنن سنڌ کي اوليت نه ڏني، ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، ماضيءَ جون غلطيون رهيون آهن. هن چيو ته نه تحريڪون ختم ٿيون آهن، نه آدرش ختم ٿيا آهن، پر منزل چٽي ڪئي وڃي، تضادن کي چٽو ڪيو وڃي. هن چيو ته اڄ نظرين جي آڙ ۾ قومن جا قيد خانا بڻايا ويا آهن، جيستائين قومن جي آزادي نه ملندي تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ابرار قاضي چيو ته اقبال منهنجو پراڻو د وست آهي، مون جيترو ويجهو اقبال کي هن ڪتاب ۾ ڏٺو آهي، ايترو اڳ ناهي ڏٺو، اقبال جو ڪتاب ڪجهه آتم ڪهاڻي ڪجهه تاريخ آهي، هي صحافت جي ڊائري آهي، واقعا ڪيئن ٿيا، ڪنهن سان ملاقات ٿي، محترمه سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو چيو ته جن ماڻهن پنهنجي ڌرتي سان پاڻ نڀايو آهي، ڪامريڊ دوستن پنهنجن آدرشن ۽ اصولن تي هلي مظلوم طبقي جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته اقبال ملاح سڀ مرحلا طئه ڪري صحافت ۾ آيو، هن جو صحافت وارو ڪردار به وسارڻ جهڙو ناهي، غيرتمند صحافي بڻجڻ تمام وڏي ڳالهه آهي، هي ان ئي رستي جو راهي آهي، هن جو ڪردار صاف سٿرو آهي، هو دوستن لاءِ قابل فخر ڪردار آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته جيڪي 10 سال حڪومت ڪري وري سڄو بار عوام جي مٿان وجهڻ درست ناهي، 10 سالن جي اقتدار جو حساب انهن حڪمرانن کي ڏيڻ گهرجي، پهريان ته انهن کي پنهنجو پاڻ جو احتساب ڪرڻ گهرجي. نامياري اديب يوسف سنڌي چيو ته ڪتاب ۾ اقبال ملاح شعوري طور تي مايوسي جو اظهار نه ڪيو آهي، ڪامريڊ دوست جنهن دور مان گذريا آهن، ان سڄي دور جي ڪهاڻيءَ کي هن سامهون آندو آهي. هن چيو ته ڪٿي به اقبال ملاح پنهنجي ڪارنامي جو اظهار ناهي ڪيو، هو هر ڪاميابي ۽ سٺي ڳالهه ٻئي سان منسلڪ ڪري ٿو، اقبال ملاح جو انداز صحافياڻو آهي، اڪيڊمڪ انداز ناهي. وهاب پنڌراڻي چيو ته اقبال ملاح ننڍن مضمومن جي صورت ۾ اهم ڳالهيون ڪيون آهن، ڪتاب جي ليکڪ اقبال ملاح جي وني ڊاڪٽر بختاور ڄام چيو ته هي ڪتاب اقبال جو نه پر منهنجو خواب آهي. ان موقعي تي شبير سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ديال سحرائي قومي گيت پيش ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top