مصر جي مسجد ۾ ڌماڪا ۽ فائرنگ، 200 کان وڌيڪ نمازي شهيد، 150 کان وڌيڪ زخمي

عريش(م ڊ) مصقر جي صوبي صنعا جي شهر عريش ڀران برالعبيد ۾ جامع مسجد الروضه جي اندر دهشتگردن ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪا ۽ فائرنگ ڪري 200 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته 150 کان وڌيڪ نمازين کي زخمي ڪري ڇڏيو، ان حملي جي ذميواري دهشتگرد تنظيم داعش قبول ڪئي آهي. تفصيل موجب دهشتگردن مصري صوبي صنعا جي راڄڌاني عريش جي برالعبيد جي الروضه مسجد ۾ نمازين تي بم حملا ڪيا جڏهن ته مٿن فائرنگ به ڪئي وئي. ان حملي جي نتيجي ۾ شروعاتي اطلاعن موجب 115 نمازي شهيد جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن ماڻهو جمعي جي نماز پڙهي مسجد کان ٻاهر اچي رهيا هيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top