پاڪستان طرفان سعودي کي علائقائي استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري

رياض (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سعودي عرب جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو جتي هن سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد  شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي اڳواڻن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو آهي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top