لنڊن جي برٽش ميوزم ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مجسمي جي رونمائي ڪئي وئي

لنڊن(م ڊ) لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مجسمي جي رونمائي واري تقريب ڪئي وئي. رونمائي واري تقريب جي موقعي تي لنڊن جي ميئر صادق خان جو چوڻ هو ته مجسمو قائد اعظم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي. صادق خان وڌيڪ چيو ته ان مجسمي کي ان جي مستقل گهر يعني لنڪنز ان منتقل ڪيو ويندو. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد ابن عباس ان موقعي تي چيو ته قائد اعظم جي قيادت سبب ئي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top