سنڌ جي مستقبل سان وري هٿ چراند

سارنگ چانڊيو

                 هن ملڪ ۾ احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، اهو احتجاج جيڪو ناانصافي جي ڪري ڪيو وڃي جتي هزارين نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل هجي ۽ انهيءَ اداري خلاف اهو احتجاج هجي جنهن ڪجھ پئسن تي ميڊيڪل جي شاگردن جو ايندڙ مستقبل سان کيڏي ڪري  واضح ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن جا ثبوت به مليا هجن سنڌ جي هر شهر توڙي هيڊڪواٽرن ۾ احتجاج ڪيا ويا هجن، نيب جي چيئرمين اهو بيان ڏنو هجي ته اين ٽي ايس خلاف ڪافي شڪايتون آهن جن خلاف جانچ هلي رهي آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير ڪاميٽي جوڙي اهو چيو ته ميڊيڪل جي ورتل ٽيسٽ کي رد ڪري  ٻيهر ٽيسٽ ورتي ويندي، پوءِ ڇا انهن سمورين ڳالهين جي ڪا به حيثيت ناهي؟سنڌ جي ساڃاھ ونڌن شاگردن ۽ انهن جي والدين جيڪي احتجاج ڪيا، گهوڙا گهوڙا ڪئي ته قهر ٿي رهيو آهي اسان جي معصوم ٻارن جي مستقبل سان جيڪي بگڙ کيڏيا آهن انهن  خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ تعليم تان کڄندڙ ويساھ کي بچايو وڃي ائين نه ٿئي جو سنڌ جو هر ٻار رڳو ڪاپي ۽ ڪرپشن ڪري پاس ٿي وڃي ۽ تعليمي ادارا رڳو نالي ماتر وڃي بچن پوءِ جيڪي ذهن شاگرد آهن اهي به هن موذي بيماري جا عادي نه بڻجن، پوءِ سنڌ اونداهيءَ غار ۾ گم ٿي ويندي ۽ اسان جو وجود زمين جي ڪنهن به حصي تي نه ملندو، اسين جيڪي وارث سڏيندا رهندا آهن پوءِ اسان جي سڃاڻپ ڪاپي ۽ ڪرپشن تحت ٿيندي، جنهن شاھ جي بيتن تي اسان کي ناز آهي اهي بيت به پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندا خدار انهن شاگردن جي باري ۾ سوچيو جيڪي پنهنجي ذهن کي نپوڙي پڙهن ٿا ۽ ڪاپي ۽ ڪرپشن جا حامي ناهن.

22 آڪٽوبر تي اين ٽي ايس جيڪا ميڊيڪل جي ٽيسٽ ورتي ورتي هئي، جنهن  بابت ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اهو راز ڦاٽو ته پيپر ليڪ آئوٽ ٿيو آهي، ۽ اهو پيپر پئسن عيوض وڪرو ڪيو آهي اهو پيپر انهن والدين ورتو جن کي اولادن کي ڪجھ به ايندو آهي ۽ اهي پيپر وٺي ڪري پنهنجي اولادن کي پاس ڪرائڻ چاهيو پئي پر سنڌ ڪجھ ساڃاھ ونڌن ڊاڪٽر هوتچند، ڪرشن شرما ۽ ٻين ان راز جي ڦاٽڻ کان پوءِ جيڪا وويلا ڪئي ۽ اهي سمورا ثبوت هٿ ڪري سنڌ جي تباھ ٿيندڙ مسقبل کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڃي در کڙڪايو ته سنڌ جي تعليم سان ويساھ گهاتي ٿي رهي آهي انهيءَ کي بچايو وڃي نيٺ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ عوامي پريشر ۽ ساڃاھ جي جاکوڙ کان پوءِ ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ ثبوثن کي ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير اهو فيصلو ڪيو ته ٽيسٽ ٻيهر ورتي ويندي ۽ اين ٽي ايس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مان سڀني کي گهڻي اميد هئي ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو پر ٿيو سڀ ڪجھ الٽو فيصلو وري به ساڃاھ ونڌن ، شاگردن ۽ انهن جي والدين جي حق ۾ نه آيو اهو فيصلو آيو ته سنڌ جي وڏي وزير جيڪو نوٽفيڪشن ڪڍيو هو تنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي جيڪا اڳ ۾ رزلٽ آئي هئي اها ساڳئي رهندي ان فيصلي کان پوءِ مون ڏٺو ته انهن شاگردن جي اکين مان لڙڪ لڙي رهيا هئا جن محنت ڪئي ۽ ڪاپي نه ڪئي  پاڻ کي مڃرايو،  انهن جو اهو چوڻ هو ته اڄ سچ هارائي ۽ ڪوڙ کٽي ويو، اسان  به هاڻ پڙهڻ بدران رڳو ڪاپي ڪنداسين ڇو پنهنجي ذهن کي نپوڙي ڪري پنهنجي والدين کي ڳرا خرچ ڪرائي انهن کي به پريشان ڪريو ۽ اسان به پريشان ٿيو ان کان سٺو آهي ته ڪاپي ڪري پاس ٿي وڃي اهڙا ڊاڪٽرن بڻجي وڃو جيڪي رڳو ڪميشن تحت دوائن لکي ڪري سنڌ جي اٻوجھ ماڻهن کي ڦريو جيئن حڪمران ڦري رهيا آهن، مون ان ويلي اهو سوچيو ته سنڌ کي ڇا ٿيو ويو آهي اها سنڌ ڪيڏانهن وئي جنهن جي تعليم مثالي تعليم سڏبي هئي ، اچو ته سڀئي گڏجي ڪري ڪاپي ڪلچرل کي ختم ڪريو جئين سنڌ ۾ ڪاپي جو جيڪو رجحان آهي اهو ختم ٿي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top