لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ملازمن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مين گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري يونيورسٽي جي وائس چانسلر خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن صوبدار علي شيخ، نور محمد هليو، مور علي لغاري، عبدالجبار سيال ۽ ٻين الزام لڳايو ته يونيورسٽي اندر ڪروڙين روپين جي ڪرپشن سبب اداري کي تباهه ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ملازمن کي هن وقت تائين ميڊيڪل جي سهولت، پروموشن، ٽائيم اسڪيل، اپ گريڊيشن سميت ٻيون مراعتون نه ملي سگهيون آهن ۽ نه ئي ڪوارٽرن جي مرمت ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري اسان جا ڪوارٽر زبون حال آهن. احتجاج ڪندڙ ملازمن مطالبو ڪيو ته مراعتون ڏيڻ سان گڏ ڪوارٽرن جي نئين سر مرمت ڪري ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top