نوشهروفيروز اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين پاران آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

نوشهروفيروز (ڊ ر) آل سنڌ ايريگيشن مرڪز جي سڏ تي نوشهروفيروز اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين پاران اڄ ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ اقبال احمد لاڙڪ، سيد مهتاب علي شاهه، خادم حسين مري، ظفر ٻبر، فقير محمد لاشاري، علي نواز سولنگي، غلام عباس ٻوهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪارپ آفيس جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته ظلم جي انتها اها آهي جو 4 مهينا اڳ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڪراچي ۾ ٿيندڙ اسان جي احتجاجن جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا جنهن به صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سيد ناصر شاهه ڌرڻي واري جاءِ پهچي اسان سان ڳالهيون ڪيون ۽ اسان پنهنجي جائز مطالبن ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا، ايل بي او ڊي جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ، ايريگيشن ڪالونين تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ سن ڪوٽا جي سمري سندن حوالي ڪئي هئي جيڪا سمري سيڪريٽري ايريگيشن ۽ سيڪريٽري فنانس مان پاس ٿي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي ٽيبل تي رکي وئي آهي ليڪن افسوس جو ايترو مدو گذرڻ باوجود وزيراعليٰ سنڌ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جا حڪم نظرانداز ڪندي ان سمري تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ مختلف کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا، سن ڪوٽا جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي مزدرون، هارين ۽ پورهيتن لاءِ رکي هئي پر ايريگيشن جي ملازمن کي هن وقت تائين نه ٽائيم اسڪيل ڏنو پيو وڃي نه ئي وري فوتي ڪوٽا ۽ سن ڪوٽا تي عمل ڪيو پيو وڃي جيڪا ايريگيشن جي ملازمن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن ملازمن جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ 8 ڊسمبر کان سڄي سنڌ جي ڪئنالن، شاخن، واهن جي تالابندي ڪئي ويندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top