سعودي عرب ۾ وٺ پڪڙ جي اندروني ڪهاڻي

سڪندر چنو

                 اتر ڪوريا هن وقت تائين سڀ کان وڏو بين البراعظمي ميزائيل (ICBM) جو تجربو ڪيو آهي جيڪو آمريڪا جي راڄڌاڻي واشنگٽن تائين صاف صاف مارڪندي وڏو جاني توڙي مالي نقصان پهچائي سگھي ٿو. مطلب ته سمورو آمريڪا ان جي پڪڙ ۾ اچي سگھي ٿو. پاڪسان کان اولهه واري حصي ۾ آمريڪا واشنگٽن پهريان اچي ٿو پر اتر ڪوريا کان اولهه آمريڪا وارو سمنڊ سندس سامهون آهي ۽ اتان وري آمريڪا جو گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن بعد ۾ اچي ٿو ان اهم مسئلي تي چين پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي توڙي جو اتر ڪوريا جو صدر شگر، دل جي بيماري ۽ ٻيون کوڙ سارين بيمارين ۾ ورتل آهي پر اڄ به ڊائٽنگ کان لاچاري آهي ۽ مڇي ايران کان گھرائيندو آهي جنهن ۾ جهينگا پڻ شامل آهن نه رڳو اهيو پر هر سال پنهنجي خاص کادي تي 3 ڪروڙ روپيه خرچ ڪري ٿو جنهن ۾ شراب وڌيڪ آهي ۽ سندس کي اها به خبر آهي ته ڪنهن به وقت سندس کي دل جي دورو پجي سگھي ٿو پوءِ به پنهنجي وزن کي گھٽ ڪرڻ بجاءِ وڌائي رهيو آهي ۽ هروڀرو دنيا کي پريشان ڪري رهيو آهي. سندس حرڪتن جي پاڪستان پڻ مذمت ڪري چڪو آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي اتر ڪوريا صرف دنيا کي ڊيڄارڻ تائين محدود ٿيل نظر اچي ٿو پر ڪري ڪجھه به نه ٿو سگھي. ان ڪري ته شايد سندس کي اها خبر ناهي ته جيڪڏهن هو آمريڪا يا فرانس تي حملو ڪندو ته سندس ڌرتي تي به ڪو به ماڻهون ۽ ڪابه ساهه واري شيءِ نه رهندي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا وٽ سندس کان وڌيڪ ايٽمي سگھه آهي آمريڪا ۽ اتر ڪوريا وارو رنجشي سلسلو ايئن ئي هلندو رهندو نه آمريڪا اتر ڪوريا جو داڻو پاڻي بند ڪندو ۽ نه وري اتر ڪوريا آمريڪا تي حملو ڪري سگھندو ۽ اتر ڪوريا پنهنجا وسيلا ايئن ئي ختم ڪندو رهندو جيڪو اسلحو خريد ڪري ڍير ڪري رکي ڇڏيو آهي. ان کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه اچي ته پوءِ بهتر ايئن ناهي ته اهو پيئسو به عوام جي بهتري تي خرچ ڪيو وڃي؟ ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا جي ملڪ جي اڌ آبادي هن وقت به غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن يعنيٰ اتر ڪوريا جو عوام غرتب واري لڪين تي بيٺل آهي بلڪل ايئن جيئن اڄڪلھه ڀارت ۾ ماڻهون غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڀارتي وزير اعظم کي اسلحي خريد ڪرڻ جو جنون سندس مٿان سوار ٿيل آهي. اها ڳالھه به ذهن نشين هجڻ گھرجي ته اتر ڪوريا مسلمان ملڪ ناهي جيڪڏهن مسلمان ملڪ هجي ها ته اڄ به سندس حالت عراق ۽ افغانستان جهڙي هجي ها. بحرحال اصل واقعو جنهن جا وڏا وڏا اثر ٿيندا اهو عربستان ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ گرائونڊ ورڪ يعنيٰ زمين ورڪ به مڪمل ڪيو ويو آهي پهريان اها وضاحت ڪندو هلان ته عربستان مان ڇا مراد آهي؟ تاريخي لحاظ کان عرب صرف هڪ جذير نما عرب کي جذيرة العرب چيو وڃي ٿو ۽ اهو عربستان تائين محدود آهي مطلب ته موجوده سعودي عرب پنهنجن ٻيٽن سميت جن ۾ اومان، اماراتي رياستون، قطر، بحرين وغيره شامل آهن ان عربستان جي اولهه اوبر ۾ عراق جو ملڪ آهي جيڪو تاريخي نالو آهي ۽ عراق جي معنيٰ اوبر آهي ۽ سندس تاريخي نالو عراق عرب آهي يعنيٰ عرب جو شهر ماضي ۾ عراق بابل جي سلطنت جو هڪ ڪلو هو عباسي خليفن جو دؤر ۾ ان کي ولايت ڪوفه ۽ بسرا جو نالو ڏنو ويو هيو جڏهن انگريز سرڪار ان تي قبظو ڪيو ۽ ويندي ويندي ان کي عراق جو نالو ڏنو ويو ۽ هاڻي عراق به عربستان جو هڪ اڻٽٽ حصو آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به عراق ۾ 80% آبادي عرب رهيل آهن شام ۽ لبنان به تاريخي طور عربستان جو حصو نه آهن. اتي گھڻي آبادي عربي ڳالائيندڙ جي آهي ان ڪري ان کي عربستان جو حصو سمجهو وڃي ٿو. هاڻي جيڪو واقعو رونما ٿيڻ وارو آهي ان جو محور فلسطين آهي. فلسطين اڄ به اسرائيل جي عتاب هيٺ آهي. مصر جي صدر السيسي جي زير قيادت گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سڌو سئون ڪوششن ۾ رڌل آهي ۽ سعودي عرب پسپرده جنهن جي نتيجي ۾ حماس جي قادت ايران نواز خالد مشال کان واپس ورتي وئي آهي ۽ خون ريزي ڪرڻ جو مخالف اسمائيل هانيا ان جو اڳواڻ بڻجي ويو وري ٻئي مرحلي ۾ مرحوم ياسر ارفات جي الفتح تنظيم ۽ حماس وچ ۾ ٺاهه ڪرايو ويو ۽ ائين غزه جي پٽي جي مخالفت کي ختم ڪرايو ويو سعودي عرب روايت لحاظ کان فلسطينن جو سخت مخالف رهندو آيو آهي الفتح ۽ حماس جو پڻ سخت مخالف رهيو آهي پر موجوده سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سليمان جي اچڻ کان پوءِ ان ۾ نرمي آئي آهي وري فلسطين جو عوام خالد مشال سان به مطمئن نه هيو ڇا ڪاڻ ته هو ايران نواز رهيو آهي ۽ هن اهڙيون ته پاليسيون ٺاهيون جيڪي فلسطين جون نسل ڪشي ڪرڻ ۾ مصروف هيون ۽ فلسطينن کي بکيو رکيو ويو ۽ انهن کي بکي هوندي فلسطين ڏاڍو بيماري ٿي ويا اڄ به اسرائيل فوج فلسطين جا روزنو لاش روڊن تي ڪرائڻ ۾ مصروف آهن پر ٻن ٽن سالن کان هاڻي حالات ۾ ڪجھه فرق ضرور آيو آهي ڊونالڊ ٽرمپ قيادت کان سنڪرونائيز ڪيو ويو آهي آمريڪا جا مخالف به مصري حڪومت جي صفن مان ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ تازو سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف ڪرڪڊائون ۾ تقرين آمريڪي مخالفن کي ساڙي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ۽ اڄ به اهي جيلن ۾ بند آهن نه رڳو اهو پر سعودي بادشاهه جي پٽ شهزادا محمد بن سليمان پنهنجن سوٽن کي آمريڪا جي بدنام زمانه ايجنسي بيلڪ واٽر حوالي ڪري انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته موجوده بادشاهه کي آمريڪا جي مڪمل حمايت حاصل آهي شهزادو وليد بن طلال کي آمريڪي صدر جو ذاتي دشمن سمجهيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته شهزادي وليد بن طلال جا آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ڌيءُ سان ذاتي جنسي تعلقات رهيا آهن ۽ اڄ به وليد بن طلال گرلفرينڊ آهي جنهن تي آمريڪي صدر کي وڏي ڪاوڙ آهي هو چاهي ٿو ته شهزادي کي ڪارو ڪري قتل ڪرائي ڇڏيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو آمريڪي بليڪ واٽر جي چنمبي ۾ شهزادا ابتا ٽنگيل آهن ۽ اڄ آمريڪا سعودي عرب جي اسڪولن ۾ پڙهيو ويندڙ نساب ۾ پڻ پنهنجا نڪتا شامل ڪرائي رهيو آهي سعودي عرب هر ڪم رهنمائي آمريڪا کان وٺي رهيو آهي پنهنجي سلامتي جا سڀ مسئلا مسلمان ملڪن وٺن کان بجاءِ آمريڪا کان حاصل ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا سعودي عرب وسيلي ايران سان بحريي عرب ۾ جنگ ڇيڙي سگھي ٿو جيڪا دنيا ۽ خطي لاءِ هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي.

تازو جيڪا تصوير هڪ يهودي جي ڏيکاري وئي آهي ته هو ميدني نوره ۾ مسجد نبوي اندر گھمي رهيو آهي جيڪا پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. ڇاڪاڻ ته يهودي کي مسجد نبوي ۾ اچڻ جي اجازت ناهي. پر سعودي حڪمرانن آمريڪا جا سڀ جائز ۽ ناجائز مطالبا مڃڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

مقبوضه بيت المقدس ۾ هڪ اهڙي اهم جاءِ آهي جيڪا مسلمانن لاءِ فيض الضره آهي ڇاڪاڻ ته ان جبل تان اسان جو پيارو رسول ﷺ معراج تي تشريف کڻي ويو هيو ۽ ان احاتي ۾ مسجد اقصيٰ به آهي ۽ اهو جبل عيساين لاءِ به احترام جوڳو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي حضرت عيسيٰ رهيو هو.

بحرحال ڪجھه ڏينهن ۾ سعودي عرب توڙي ٻين عرب رياستن ۾ آمريڪا ڪجھه هيرڦار ڪرڻ وارو آهي ۽ سعودي عرب جي بادشاهن اندر گهر ۾ اهڙو جهڙو پدا ڪيو آهي جو موجوده شاهه سليمان جي مرڻ ان پوءِ سندس باقي خاندان جيڪي جيل ۾ قيد آهن يا آمريڪي فوجن هٿان انهن تي وهشاڻو تشدد ڪيو پيو وڃي اهي پنهنجي سوٽ شهزادو محمد بن سليمان به زندگي اجيرن بڻائي ڇڏيندا. ۽ سندس کان اهڙو ته انتقام وٺندا جو شهزادو محمد بن سليمان جلا وطن ٿي ويندو. بحرحال سعودي عرب ۾ اڃا ڪجھه ٿيڻ وارو آهي. سعودي عرب ۾ صرف ڪرپشن کي هڪ چواز بڻايو ويو آهي ته جيئن شاهه سليمان جي پٽ جي بادشاهه ٿيڻ وارو دڳ صاف ٿي سگھي ۽ اهو سڀ ڪجھه آمريڪا جي آشيرواد سان ٿي رهيو آهي پر گھٽ ۾ گھٽ ان جو انجام ڏاڍو خراب ٿي سگھي ٿو. آمريڪا سعودي بادشاهه سندس پٽ شهزادو محمد بن سليمان کي پاڪستان خلاف پڻ استعمال ڪري سگھي ٿو ۽ تازو شهزادي محمد بن سليمان نواز شريف خلاف ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ ان جي هڪ ڪڙي آهي ۽ آمريڪا سعودي عرب ذريعي پاڪستان جي سي پيڪ تي پڻ اثر انداز ٿيڻ جي خوشش ڪري رهيو آهي پر سعودي عرب کي سوچڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته پاڪستان سندس هر ڏکي وقت ۾ ڪم آيو آهي ۽ سعودي عرب پاڪستاني مزدورن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ کان اجتناب ڪري ته بهتر آهي.

sikandarchanna2@gmail.com

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top