شاهه صاحب! مون کي سنڌ جي صورتحال تي افسوس آهي، اسان کي گڏجي مسئلو حل ڪرڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ رجسٽري ۾ پاڻي جي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درخواستگذار جي وڊيو رپورٽ تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته پاڻي جي صورتحال ايتري سنگين ناهي جيتري ٻڌائي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ صاف پاڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ طرفان ڪئي وئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صحت وارو سيڪريٽري، ڪمشنرڪراچي، ايم ڊي واٽر بورڊ، اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عملدار عدالت آڏو پيش ٿيا. چيف جسٽس وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي گهرائڻ جو مقصد طلب ڪرڻ ناهي، اسان عزت ۽ احترام سان اوهان کي گهرايو آهي ته جيئن گڏجي مسئلو حل ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ،شاهه صاحب! مون کي سنڌ جي صورتحال تي افسوس ٿي رهيو آهي، عوام کي پاڻي نه ملي رهيو آهي اسان جو مقصد اهو آهي ته ماڻهن کي صاف پاڻي ملڻ گهرجي، اسان ان حالت کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، زمين تي سڀ کان وڏي نعمت پاڻي آهي. وڏي وزير چيو ته معزز عدالت کي اپيل ڪريان ٿو ته مون کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڳالهائڻ جو پورو موقعو ڏينداسين ۽ ٻڌنداسين، اسان هتي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. ٻڌڻي دوران وڏي وزير کي پاڻي جي صورتحال بابت وڊيو ڏيکاري وئي جنهن تي وڏي وزير خدشا ظاهر ڪندي چيو ته پاڻي جي صورتحال ايتري سنگين ناهي، جيڪا وڊيو ڏيکاري وئي اها درخواستگذار جي ٺاهيل آهي، موقعو مليو ته سپريم ڪورٽ ۾ وڊيو پيش ڪنداسين. جنهن تي چيف جسٽس وراڻيو ته شاهه صاحب ! اوهان وڊيو کي ڇڏيو ، ڪميشن جي رپورٽ ڏسو، واٽرڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعوآهي، رپورٽ سان مسئلي جو حل تلاش ڪريو. هن وڏي وزير کي چيو ته جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان جي مدد وٺو، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها اوهان کي ڏيڻ لاءِ تيارآهي، اوهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اوهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو مون کي پنهنجي ٻارن وانگي آهي، خواهش هئي ته اهو به موجود هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ها. هن چيو ته بلاول کي خبر هجڻ گهرجي ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن سان ڇا ٿي رهيو آهي، بلاول ڏسي ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پيئن ٿا. جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو ته پ پ جي گذريل حڪومت ۾ڪو به معاملو عدالت ۾ نه آيو، اوهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ماڻهن چونڊيو آهي. سندس چوڻ هو ته انتظاميا جي ناڪامي بعد ماڻهن عدالتن جو رخ ڪيو، هن وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاهه صاحب ! انهن ڳالهين کي ڇڏيو، ٻڌايو ته مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي گڏجي مسئلو حل ڪرڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top