شهدادڪوٽ جي وڏا سيلرا بوائز پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف نوجوان سيلرا اتحاد جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

شهدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ جي بوائز پرائمري اسڪول وڏا سيلرا جي زبون حال بلڊنگ جي مرمت ۽ تعليمي ايمرجنسي ايس ٽي آر پاليسي لاڳو هوندي 390 شاگردن جي پڙهائي لاءِ اسڪول ۾ رڳو 5 استادن جي مقرري سبب استادن جي کوٽ خلاف نوجوان سيلرا اتحاد پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽو موٽو چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ پ پ ش ڀ ،ايس يو پي سميت ايس ٽي پي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي احتجاج ڪندڙن تعليم کاتي جي ڊي اي او قمبر ۽ ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو خلاف سخت نعري بازي ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي خالد سيلرو،ذوالفقار سيلرو ،بادل سيلرو،شاهد سيلرو پ پ ش ڀ جي وزير علي کوسو ايس يو پي جي شيرخان چانڊيو چيو ته تعليمي ايمرجنسي ۽ ايس ٽي آر پاليسي لاڳو هوندي ڳوٺ وڏا سيلرا بوائز پرائمري اسڪول ۾ 390 شاگردن جي داخلا هوندي 5 استادن جي مقرري اٽي ۾ لوڻ برابر آهي استادن جي کوٽ سبب ڪلاسن ۾ شاگرد بنا تدريس وٺڻ جي خالي ويهي وقت پاس ڪري گهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن اهڙو عمل هڪ طرف تعليمي ايمرجنسي ۽ ايس ٽي آر پاليسي سان مزاق آهي ته ٻئي طرف ڳوٺ جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور کان محروم رکڻ جي تعليم کاتي جي ڪامورن جي هڪ سازش آهي هنن چيو ته بلڊنگ جي زبون حالي ۽ استادن جي کوٽ بابت اسڪول جي هيڊ مسٽريس سميت ڳوٺاڻن طرفان ڊي اي او تعليم پرائمري قمبر شهدادڪوٽ نواب کوکر ۽ ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو انور الدين جمالي کي بار بار آگاهي ڏيڻ باوجود استادن جي مقرري لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن الٽو تعليم کاتي جي مٿين آفيسرن ايس ٽي آر پاليسي تحت ڊي سي قمبر طرفان اسڪول ۾ موڪليل هڪ استاد کي مبينا رشوت عيوض بدلي ڪري ڇڏيو آهي  هنن وزير اعلى سنڌ وزير تعليم سيڪريٽري تعليم کان گهر ڪئي آهي ته ڳوٺ سيلرا جي بوائز پرائمري اسڪول جي شاگردن جو مستقبل تعليم جي لاٽ کان محروم ٿيڻ کان بچائي ايس ٽي آر پاليسي تحت اسڪول ۾ استادن جي مقرري ڪري ڊي اي او پرائمري قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڊائريڪٽر پرائمري لاڙڪاڻو خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top