عراق طرفان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاررواين جي واکاڻ

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان عراقي بچاءُ واري وزارت جي جنرل سيڪريٽري ليفٽيننٽ جرنل محمود جواد ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان عراقي بچاءُ واري وزارت جي جنرل سيڪريٽري ليفٽيننٽ جرنل محمود جواد ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران آرمي چيف ۽ جرنل محمود جواد وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمود جواد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاررواين جي واکاڻ ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top