لاڙڪاڻي ۾ استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري بيان خلاف استادن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ توڙي مستقل نه ڪرڻ خلاف پ ٽ الف جي سڏ تي استادن پنجين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻن مجيب الرحمٰن بروهي، اڪبر علي کوسو، غلام الله سانگي، مير حسن بروهي، سيد مختيار علي شاهه ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر طرفان سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان سنڌ جي تعليم ۽ ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي. اهڙي عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا. احتجاج ڪندڙ استادن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي ته ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ملتوي ڪري مستقل ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top