نااهل وزيراعظم تي لڳل ٽي ريفرنس…!!

غلام مصطفيٰ جمالي

                 ڪالهه پاڪستان جي سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جي خلاف داخل  نيب ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ميان نواز شريف جي موقفن کي در ڪندي ڪيسن جي ٽن ريفرنس کي جاري رکڻ جو 21صفحن تي مشتمل  تحريري بيان جاري ڪيو ويو آهي. نااهل وزيراعظم اوهانکي خبر هوندي ته هي لفظ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو ويو هو،ها بلڪل ميان نواز شريف لاءِ جنهن کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر مان سمجهان ٿو ته وزيراعظم جو اهل ته شاهد خاقان عباسي ناهي جنهن کي به نااهل چئجي ته ڪو برو نه ٿيندو. هي لفظ  پاڪستان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪو هن وقت پاڪستان جي وزيراعظم واري ڪرسي کي ولاريو ويٺو آهي، عوام کيس وزيراعظم تسليم  ڪري رهي آهي پر هو پاڻ کي وزيراعظم تسليم نه پيو ڪري.!ڇو ته سندس نظر ۾ اڄ به پاڪستان جو وزيراعظم ميان نواز شريف ئي آهي ڀلي کيس پاڪستاني سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هجي پر شاهد خاقان عباسي جي نظر ۾ اڄ به هو اهل آهي ۽ پاڪستان جو وزيراعظم آهي،هو خالي وزيراعظم جي سيٽ تي ويٺل آهي پر انهي سيٽ جا اختيار سمورا نااهل وزيراعظم ميان نواز شريف وٽ آهن.

سابق وزيراعظم ميان نواز شريف قومي اسيمبلي جي الڪيشن ۾ حصو نه ٿو وٺِي سگهي.ڇو ته هو قومي اسميبلي جي رڪنيت سان نااهل ٿي چڪو آهي انڪري وري کيس قومي اسميبلي جي الڪيشن وڙهڻ جي اجازت نه ٿي ملي سگهي ڇو ته آئيني طور تي جيڪو وزيراعظم نااهل ٿيو هجي هو ٻيهر قومي اسميبلي کي سيٽ تي الڪيشن نه ٿو وڙهي سگهي.جڏهن ته شاهد خاقان عباسي اڃان به پنهنجي موقف تي قائم آهي ته سندس وزيراعظم اڄ به ميان نواز شريف آهي،انڪري مان مان سمجهان ٿو ته ميان نواز به سياست جو ڪو وڏو کهلاڙي آهي جنهن پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي لاءِ اهڙي ماڻهو کي چونڊيو جيڪو سندس پاڇولي کان به ڊڄندو آهي.نه ته اڪثر پاڪستاني سياست اهڙن ماڻهن تي اعتماد ڪري دوکو کائيندي آهي.جئين جناب ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ضياءُ تي اعتماد ڪيو جنهن آخر ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي تي چاڙهي شهيد ڪيو جئين محترمه بينظير ڀٽو فاروق ستار تي ڪيو جنهن کي پنهنجي دور حڪومت ۾ پاڪستان جو صدر بڻايو ۽ پوءِ انهي ئي اسميبليون ٽوڙيون،جئين آصف زرداي سنڌ جي ڊبنگ سياستدان ذوالفقار مرزا تي اعتماد ڪيو جنهن کي پنهنجا سمورا راز ٻڌايا ۽ سندس گهر واري کي پاڪستاني اسپيڪر جي سيٽ تي ويهاريو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سنڌ جو گهرو وزير بڻايو پر آخر اهو ئي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مٿي تي قران رکي ڪري آصف زراداري جا سمورا پول پڌرا ڪندو رهيو،انکان علاوا پاڪستان جي سياست ۾ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جيڪي سياست جي ٿيوري ۾ ايڏا پراڻا آهن وقت انهن کي هر موڙ تي ورجائيندو رهندو آهي.

هن وقت پاڪستان جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ميان نواز شريف جي شان ۾ قصيدا پڙهي آهي جنهن مان صاف ظاهر ٿي ٿو ته پاڪستان وزيراعظم ميان نواز شريف جو جادو پورو جو پورو پاڪستاني وزير شاهد خاقان عباسي تي هلي رهيو آهي،هڪ طرف شاهد خاقان عباسي پاڻ کي وزيراعظم تسليم نه ڪري رهيو آهي انڪري مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته شاهد خاقان عباسي کي به نااهل قرار ڏي. ڇو ته هوُ پاڪستان جو وزيراعظم هوندي ته پاڻ کي وزيراعظم تلسيم نه ڪري رهيو آهي ته پوءِ قوم هن کي وزيراعظم ڇو تسليم ڪري جهڙي ريت هوُ پاڻ کي وزيراعظم تسليم نه پيو ڪري ته قوم به ٺيڪو ناهي کنيو اهڙي ماڻهو ئي وزيراعظم تسليم ڪرڻ جو.! انڪري سپريم ڪورٽ کي به گهرجي ته انهي ڳالهه جي شاهد خاقان عباسي کان واضع ڪري ته  هوُ اهڙا بيان ڇو ٿو ڏي ته سندس وزيراعظم اڄ به ميان نواز شريف آهي،ڇا سياستدانن لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم واري ڪرسي هڪ مذاق آهي.؟

پاڪستان سابق وزيراعظم ميان نواز شريف کي پاڪستان سپريم ڪورٽ امين ۽ صادق نه هجڻ جي الزام ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي،انڪري ڏسجي ته پنهنجي عهدي سان صادق ۽ امين ته وزيراعظم شايد خاقان عباسي به ناهي،پاڪستان سپريم ڪورٽ ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو جنهن کي اڄ تائين به ميان نواز شريف دل سان ناهي قبوليو ڇو ته اڄ تائين ميان نواز شريف چئي رهيو آهي ته(مجهي ڪيون نڪالا)جڏهن ته ميان نواز شريف ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم نه پيو ڪري اتي سندس ڌي مريم نواز تي ڪا اڪثر نه ڇڏي آهي.هوُ به سپريم ڪورٽ جي ٻڌايل فيصلي کي اڪثر رد ڪندي رهندي آهي ۽ چوندي آهي ته سپريم ڪورٽ رڳو  فيصلو ٻڌايو آهي وزيراعظم کي نااهل ڪرڻ جو فيصلو پهرين ئي ٿي چڪو هو.

ميان نواز شريف جو اهو موقف آهي ته سندس اهل ٿيڻ ۽ نااهل هجڻ جو فيصلو عوام ڪري سگهي ٿي جڏهن ته عدالت کي اهو حق ناهي ته هو ڪنهن کي اناهل ڪرڻ جو فيصلو ڪري.انڪري ميان نواز شريف پنهنجي نااهل ٿيڻ واري فيصلي کانپوءِ هڪ رستو به ڳولي ورتو آهي جنهن ڪري هوُ ٻيهر بحال ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي،ميان نواز شريف قومي اسيمبلي ۽ سينٽ جي ذريعي قانون کي بدلائي ڇڏيو آهي،ميان نواز شريف پارليامنٽ جي ميمبر ٿيڻ ۽ پارٽِي جو سربراهه ٿيڻ جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته ميان نواز شريف لاءِ اهو سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار هو ته هوُ پارٽِي جو سربراهه نه رهيو هو انڪري هن وقت وڏي اڪثري سان اسمبلي مان بل پاس ڪرائي هوُ پارٽِي جو سرابراهه ٿي ويو آهي.

ميان نواز شريف جا حامي اهو به چئي رهيا آهن ته اهو پرويزمشرف جو ڪارو قانون هو جنهن اندر جيڪو ماڻهو نااهل هو انهي کي پارٽي جو صدر ٿيڻ جو حق حاصل نه هو،جڏهن ته جهموريت جو اهو اصول آهي ته قومي اسميبلي جي الڪيشن لاءِ نااهل هجڻ ڪري انهي ماڻهو جو آئيني طور تي پارليامينٽ جو به دروازو بند هوندو آهي،پر کيس سياسي جماعت جو صدر ٿيڻ وارو حق آهي،۽ اهڙو قانون صرف آمريت جي دور اندر ئي پيدا ٿيندو آهي جنهن اندر پارليامينٽ لاءِ نااهل قرار ڏنل شخص کي پارٽي جي سربراهي کان به محروم رکيو ويندو آهي.

هن وقت ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق نااهل آهي،جڏهن ته پنهنجي سياسي پارٽي مسلم ليگ ن جو اڄ به هو صدر آهي جيڪو شايد جهموريت جو حسن هجي،جڏهن ته ميان نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو پاڪستان جي سڀ کان وڏي اداري پاڪستان سپريم ڪورٽ ڪيو هو ته هوُ صادق امين ناهي،انڪري جيڪڏهن ٻيهر اسيمبلي ۾ اچي ڪري اهڙو بل پاس ڪرائجي ته هوُ امين به آهي صادق به آهي ۽ اهل به آهي انڪري کيس پارٽي جو صدر چونڊِو وڃي انڪري مان اوهان کان سوال ٿو ڪيان ته ڇا اهو آئين سان مذاق ناهي.؟جهڙي ريت عدالت جي ڪيل فيصلن کي غلط فيصلو قرار ڏنو ويندو آهي ۽ عدالت جي خلاف واويلا مچائي ويندي آهي اهڙي ريت قومي اسيمبلي جي ٻڌايل فيصلن کي غلط ڇو قرار نه ڏنو ويندو آهي انهن تي ووايلا ڇو ڪون ڪئي ويندي آهي.؟

جهڙي ريت مان سمجهان ٿو ته ن ليگ سياست ڪري رهي آهي انهي سياست اندر ن ليگ عوام جي دلين ۾ سواءِ نفرتن جي بڄ پوکڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪري رهي آهي،تازو ختم نبوت جي بل جي ڇيڙڇار ڪري پوري پاڪستان اندر افراتفري مچائي ڇڏي،۽ پوري پاڪستان جي عوام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.۽ لاهور،اسلام آباد،۽ ڪراچي،جهڙي شهرن جي امن امان جي صورتحال کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو،۽ وڌيڪ صورتحال کي خطرناڪ حد تائين وٺي وڃڻ لاءِ فوج کي پڻ مطلب ڪري ورتو ته هو اچي ڪري عوام مٿان لٺين جا وسڪارا ڪري، پر پاڪستاني فوج انهي سموري معاملي ۾ پوڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏي ۽ چيو ته معاملو وفاق جو آهي انهي معاملي کي وفاق ئي حل ڪري اسان عوام مٿان لٺيون نه ٿا وسائي سگهون جنهن کان پوءِ وفاق پنهنجي وزيرن جو استعفائون ڏياري معاملي ۾ ماٺار پيدا ڪئي.

ميان نواز شريف لاءِ هاڻ هڪ ٻيو مسئلو به پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جو سينٽ ۾ بل به منظور ٿي چڪو آهي ته پارليامينٽ جي نااهل شخص کي پارٽي جو صدر نه ٿو بڻائي سگهجي،پر اهو بل به قانوني طور تي منظور نه رهيو آهي ڇو ته قومي اسيمبلي انهي بل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي،

ميان نواز شريف جي نااهلي وارو فيصلو پاڪستان جي عدالتن ڪيو آهي جنهن جن جي تعداد سپريم ڪورٽ جي جج سميت17جي آهي،۽ هي اها سپريم ڪورٽ آهي جهن 1993ع ۾  چيف جسٽس نسيم شاهه جي سربراهي ۾ اسميبلين جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو هو.انڪري ميان نواز شريف اهو باربار چئي رهيو آهي ته ڪروڙين عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي ڪجهه ماڻهن لاهي ڇڏيو،مان سمجهان ٿو ته ميان نواز شريف کي ائين چوڻ نه گهرجي،ها عدالتي فيصلي تي اعتراَض هجڻ نه هجڻ اها ٻئي ڳالهه آهي باقي عدالتن جي باربار لفظي توهين ڪرڻ ڪٿي درست آهي،ميان نواز شريف جو سمورو خاندان هن وقت عدالتن جا چڪر ڪٽي رهيو آهي ۽ سندس پٽ اشتهاري ڏوهاري بڻجي چڪا آهن،اهڙي ماحول اندر ميان نواز شريف کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو،ڇو ته عدالت جو فيصلو سموري عوام جي اڳيان آهي،۽ ميان نواز شريف جي خلاف فيصلو به ججن ئي فيصلو ڪيو آهي،۽ جيڪڏهن ڪو حڪمرانن ڪو ڏوهه ڪري به ٿو ته انکي انجي سزا ملڻ گهرجي،انڪري ميان نواز شريف هن وقت هڪ نااهل وزيراعظم آهي ۽ کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته وٺس ڪرسي جو پارو ناهي جو هو ايترو بلندين تي پرواز ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top