پاڪستان سان گذريل 70 سالن کان مسخري ٿي رهي آهي، ملڪ کي دوزخ بڻائڻ نه ڏبو: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان سان گذريل 70 سالن کان مسخري ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو ملڪ کي دوزخ بڻائڻ چاهي ٿو ته هو ائين ڪرڻ نه ڏيندا. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هو اهڙي احتساب کي نٿا مڃن، ڌرڻن جي باوجود هنن ملڪ مان لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو آندو. هن چيو ته 5 ججز جي فيصلي پاڪستان جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ ٻيهر دهشتگردي ڪر کنيو آهي. هن چيو ته جن ملڪ ۾ اونداهي ڪئي اهي اڄ عيش ڪري رهيا آهن، ملڪ 2013 کان هن وقت تائين رڳو ڌرڻا ئي ڏٺا آهن. سندس چوڻ هو ته هنن ڌرڻن جي باوجود عوامي مسئلا حل ڪيا، پاڪستان ۾ ٻيهر دهشتگردي شروع ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪئي، ان جي بدلي ۾ کيس نااهل ڪيو ويو، جڏهن ته هن پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بڻايو ته ان جي بدلي ۾ به کيس ملڪ بدر ڪيو ويو هو. نواز شريف چيو ته مٿن ڪوڙا ڪيس ٺاهي نيب حوالي ڪيا پيا وڃن، رڳو وزيراعظم کي ڇو ٻين کي به پڪڙيو وڃي. هن وڌيڪ سندن حڪومت کان اڳ ابه دهشتگردي هئي تڏهن ڇونه ختم ڪئي وئي، هنن ملڪ ۾ روشني ٻيهر آندي آهي، عوام سمورن معاملن کي ڏسي رهيو آهي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڪستان کي دوزخ بڻائڻ چاهي ٿو ته هو ائين ڪرڻ نه ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top