ملڪ بدحاليءَ ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آهي: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ هاڻ بدحالي ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. لنڊن ۾ ن ليگ اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو، پاڪستان ۾ هاڻ بجلي اچي وئي آهي، اڄڪلهه بجلي گهرج کان به وڌيڪ آهي. هن چيو ته ملڪ بدحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي، سي پيڪ منصوبا به هاڻ سستي جو شڪار ٿي ويا آهن، هاڻ اڳ جيان تيزيءَ سان ڪم نه پيو ٿئي. سندس چون هو ته اسٽاڪ ايڪسچينج به هاڻ هيٺ اچي وئي، حڪومت جي غير مستحڪم هجڻ جا اثر لازمي پوندا آهن ۽ يقينن اها صورتحال افسوسناڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top