دهشتگردي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي (آمريڪا) ملڪي وقار تي سوديبازي نه ڪبي: پاڪستان

اسلام آباد، واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار مڪ ماسٽر چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي کي پرڏيهي پاليسيءَ جو حصو سمجهي رهيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ مڪ ماسٽر چيو ته پاڪستان کان مطالبا رڳو الزامن جو حصو نه آهن پر مقصد پاڪستان تي واضح ڪرڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ تضادن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن.  هن چيو ته پاڪستان ڪجهه دهشتگرد ٽولن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي هڪ حصي طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردن ٽولن جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ هن پنهنجي حدن ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي حڪومت پاڪستان تي واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته کيس افغانستان ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن جو پاڻ پاڪستان کي به فائدو ٿيندو.  مڪ ماسٽر چيو ته پاڪستان طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي قيادت کي محفوظ ٿاڪ ۽ مدد فراهم ڪري پنهنجي عوام  جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، اهي ٽولو افغانستان نه پر پاڪستان جي به ڪجهه علائقن ۾ تباهي پکيڙي رهيا آهن. ٻئي طرف پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي صدر جي بيان تي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن، 33 ارب ڊالر امداد جي آمريڪي دعويٰ بي بنياد آهي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي خواجه آصف چيو ته  آمريڪي انتظاميه پاڪستان بابت حقيقتن کي نظرانداز ڪيو، افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي جو بار آمريڪا پاڪستان تي نه وجهي، اسان جي فوج، سڪيورٽي فورسز ۽ عوامي قربانين جو داستان آهي، اسان پنهنجي وقار تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين.  سندس چوڻ هو ته 33 ارب رپين جي آمريڪي امداد جي دعويٰ بي بنياد آهي، چئن ڏهاڪن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، ٽرمپ اصل ۾ ڀارتي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، آمريڪي صدر جي بيان تي سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن، جڏهن ته افغانستان جي جنگ پاڪستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي وڙهي سگهجي.  پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته اسان معاملا ڳالهين سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هر معاملي تي ملڪي مفاد، وقار ۽ سلامتي موجب فيصلو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top