ايران ۾ مظاهرا، نوبل انعام يافته عورت طرفان سول نافرماني جو سڏ

تهران (م ڊ) ايران ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا جاري آهن ۽ ايراني نوبل انعام يافته عورت شيرين عبادي ملڪ ۾ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.  مسلم دنيا جي پهرين امن جو نوبل انعام يافته عورت شيرين عبادي پنهنجي ملڪ ۾ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. شيرين عبادي ايراني عوام نالي پيغام ۾ چيو آهي ته عوام بجلي ۽ گيس جي بلن جي ادائيگي کي فوري طور تي روڪي سول نافرمامي جي تحريڪ هلائي. شيرين عبادي جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ايراني عوام جو حق آهي ۽ مان مظاهرين  جي سو سيڪڙو حمايت جو اعلان ٿي ڪيان. شيرين عبادي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايران تي معاشي پابنديون جو مطالبو واپس وٺي. ياد رهي ته شيرين عبادي کي 2003 ۾ امن جو نوبل انعام ڏنو  ويو هو ۽ هو ايران سميت پوري مسلم دنيا جي پهرين عورت آهي جنهن کي  اهو اعزاز حاصل آهي. شيرين عبادي چيف جسٽس جي حيثيت حاصل ڪرڻ واري به پهرين ايراني عورت هئي جڏهن ته 2004 ۾ ان کي فوربز ميگزين دنيا جي  سڀ کان وڌيڪ طاقتور عورت جي اعزاز سان نوازيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top