قصور ۾ نينگري جي قتل بعد پرتشدد مظاهرا، آفيسن تي حملا، پوليس فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

قصور(م ڊ) ننڍڙي ٻارڙي سان زيادتي بعد قتل خلاف شهر ۾ هنگامي شروع ٿي ويا ۽ احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن تي پوليس فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب قصور ۾ ننڍڙي ٻارڙي زينب سان زيادتي ۽ قتل جي واقعي خلاف عورتن سميت وڏي انگ ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس جي انتظاميا جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪيو. واقعي خلاف شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي ۽ ڪاروبار زندگي متاثر رهي. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته زينب 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي وئي هئي ان جي باوجود پوليس سندس بازيابي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو. مظاهرو ڪندڙن ڪشمنر آفيس تي حملو ڪيو ۽ آفيس جو دروازو ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڏنڊن سان گاڏين جا شيشا به ٽوڙي ڇڏي . مڇريل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي پوليس مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ سخت فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي تنهن هوندي زخمن جا سور نه سهندي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.  جنازي نماز عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري پڙهائي،وارثن جو قاتلن جي گرفتاري تائين تدفين نه ڪرڻ جو اعلان، نينگري جي والد چيو آهي ته پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ سهڪار نه ڪيو، پوليس مهل سان ڪارروائي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها. رينجرز طلب ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top