ڪراچي ۾ اي ٽي ايم ۾ اسڪمنگ مشين لڳائيندي 2 چيني گرفتار

ڪراچي (م ڊ) پوليس اي ٽي ايم ۾ اسڪمنگ مشين لڳائيندي ٻن چيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب صدر جي مصروف زينب مارڪيٽ ۾ موجود خانگي بينڪ جي اي ٽي ايم ۾ چيني شهرين جي شڪي سرگرمين تي شهرين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. شهرين پوليس کي ٻڌايو ته چيني شهرين کي پهرين به ساڳي اي ٽي ايم ۾ شڪي سرگرمي ڪندي ڏٺو ويو هو، مقامي ٿاڻي آرٽلري پوليس جو چوڻ هو ته حراست هيٺ چيني شهرين کي ايس پي صدر توقير نعيم جي آفيس اماڻيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top