معصوم زينت سان انصاف ڪير ڪندو

سارنگ چانڊيو

                 دنيا ۾ ڪٿي ائين ناهي ٿيندو جهڙو حشر پاڪستان ۾ آهي، هتي هر روز قيامت جهڙا منظر اکين آڏو ايندا رهندا آهن، چاهي ڪهڙي به شڪل ۾ هجن انهن کي ڏسي ڪري لڙڪ نڪري پوندا آهن. وحشي هر روز ڪنهن نه ماءُ جي جهولي کي خالي ڪندا رهندا آهن انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهندي آهي، سنڌ اندر ايترا الائي ڪيترا ئي واقعا روز ٿيندا رهندا آهن، ڪڏهن نياڻين جي مٿان تيزاب هاري ساڙيو ويندو آهي، ته ڪڏهن وري ڪتن کان ڏاريو ويندو آهي مطلب ته هر قسم جو ستم سنڌ اندر ته جاري رهندو اچي پر تازو جيڪو پنجاب جي شهر قصور ۾ واقعو ٿيو آهي انهيءَ واقعي جي ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪي ويو آهي هن سماج برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي؟ پر چڱائي جي منهن تي هر ڪوئي بنجو رکڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ڪري سدائين وحشين جي همت وڌندي رهندي آهي اهڙا واقعا جنهن جي ڪري اڪثر والدين مٽ مائٽ توڙي سڄاڻ ڌريون پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪايو ڇڏين پر انهن ظالمن جو ڪنڌ ڪڏهن به نه جهڪندو آهي؟ تنهن ڪري هن سماج ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن..اسان جي ملڪ ۾ ڪيئي اهڙا علائقا آهن، جتي معصوم ٻارن سان   زيادتيون ٿينديون رهنديون آهن جن ۾ اغوا، قتل، جنسي زيادتيون ۽ جبري پورهيو شامل آهن جڏهن ته سماج ۾ اهڙي قسم جا ڪلور ٿين ۽ قانون جا ڊگها هٿ به ڏوهارين تائين نه پهچن ته ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا  قانون ۽ انصاف بابت اسيمبلين ۾ ڪيترائي بل پاس ڪيا ويا آهن، جن تحت ٻارن سان جنسي زيادتي ڪرڻ، ويڊيو يا تصويرون ٺاهڻ تي 7 سال قيد جي سزا ملندي پر ان باوجود  قانون تي عمل ٿيڻ جي آهي. ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان به ڪيترائي قانون جُڙيل آهن اهي قانون فقط اسمبيلي جي فلور تي دم ٽوڙيو ڇڏين باقي انهن تي عمل ڪرائڻ ڪنهن ۾ همت ناهي رڳو نالي ماتر قانون جوڙيا ويندا ته پوءِ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا ان ڪري اهڙا قانون نه ٺاهيا وڃن جتي عمل به نه ٿي سگهي قانون اهڙا ٺاهيو جن تي عمل به ڪرائي سگهون جيئن ڪير به اهڙي وحشيت نه ڪري جيڪا قصور ۾ معصوم نينگري سان ٿئي آهي جنهن جي امڙ انصاف لاءِ روئي رهي آهي پر شايد ان امڙ کي خبر ئي ناهي ته هت قانون جا هٿ فقط غريبن ۽ اٻوجھ جي ڳچين تائين پهچي سگهندا آهن وحشين تائين نه ان کان اڳ مشعال جو پيءُ به انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ فضيلا سرڪي جي ماءُ جنهن جي نياڻي اغوا ٿئي هئي جيڪا جيڪا ڪيترائي سال گذرڻ باوجود به نه ملي سگهي آهي، معصوم عمران جوکيو جنهن جي ماءُ جي اکين جو نور ئي ويو هليو پر ان انصاف نه مليو سگهيو ٻيون به ڪيتريون جيجلون آهن جيڪي انصاف لاءِ روئي رهيو آهي پر انصاف انهن جي اکين اڳيان نٿو گذري

 پنجاب جي شهر قصور ۾ تازو هڪ وحشتناڪ ۽ انسانيت جي تذليل ڪندڙ واقعو ٿيو آهي، جتي 7 ورهين جي معصوم نينگري زينب کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪيو ويو. .معصوم زينب قرآن پاڪ پڙهڻ لاءِ گهران نڪتي هئي، پر سندس گهر ويجهو رستي مان کيس اغوا ڪيو ويو، نينگريءَ جي گمشدگي تي وارثن پوليس وٽ رپورٽ به درج ڪرائي، پر پوليس ڪوبه قدم نه کنيو ۽ گم ٿيل نينگري جو لاش ڪچري جي ڍير وٽان مليو. جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي بقول ڊاڪٽرن جي ته نينگريءَ کي ڪيئي ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ته زيادتي جو شڪار ٿيل نينگرين جي ڊي اين اي مان هڪ ئي نمونو مليو آهي هن واقعي سموري سماج جي منهن تي چماٽ وانگي لڳو آهي جنهن جا نشان انهن جي منهن تي ظاهر جيڪي رڳو واڳون وانگي لڙڪ لاڙي رهيا آهن پر حقيقت ۾ انهن کي ڪو ڏک يا در ناهي حڪمران جماعت جا اهم نمائنده به اِها اُميد ۽ دعا گهرندي ڏسجن ته خدا ڪري مجرم جلد گرفتار ٿين ته اها يقينن شرم جوڳي ڳالهه آهي، اهڙن حڪمرانن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جيڪي اختيار هوندي به مجرمن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي اُميد ظاهر ڪن ٿا،

ميڊيا جي رپورٽ مطابق ته گذريل مهيني جي ڳالهه آهي ته 7 ورهين جي ڪائنات کي اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به لاهور جي چلڊرن اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ذريعن وٽان مليل معلومات موجب قصور جي صدر ٿاڻي جي حدن ۾ زينب سميت 12 نينگرين کي هيستائين زيادتي جو نشانو بڻائي کين ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪيو ويو آهي، جن مان رڳو ڪائنات نالي هڪ نينگري جي جان بچي سگهي، باقي 11 نينگرين جون حياتيون کسجي ويون، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نٿا کنيا وڃن. جيتوڻيڪ هي پهريون دردناڪ ۽ وحشتناڪ واقعو ناهي، بلڪه ان کان اڳ به ڪيئي اهڙا خوفناڪ واقعا ٿي چڪا آهن، پر ٻارن سان اهڙين زيادتين ۾ ملوث مجرمن کي ڪابه سزا ڏني وئي آهي، وقت جا حڪمران به اهڙن وحشتناڪ واقعن کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن.

 ٻئي طرف واقعي خلاف مقتول نينگريءَ جي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاج ڪيو ۽ شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪئي، ڊسٽرڪٽ بار ۽ واپاري برادي پاران به هڙتال جو اعلان ڪيو ويو ۽ واقعي ۾ ملوث وحشي درندن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قصور ۾ صورتحال اُن وقت خراب ٿي وئي، جڏهن واقعي خلاف مڇريل ماڻهن احتجاج ڪندي ڪمشنر آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جن تي پوليس گوليون وسايون، نتيجي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي سميت ملڪ جي ٻين جماعتن جي سربراهن قصور واقعي جي سخت مذمت ڪندي ان جو ذميوار حڪمرانن کي قرار ڏنو آهي، ان ڏس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته شريف ڀائر حڪمرانيءَ جي فرضن کان مڪمل طور غافل آهن.

قصور ۾ معصوم نينگرين ۽ ٻارن سان ٿيل زيادتين بعد سندن وارث انصاف جا طلبگار آهن، اسان سمجهون ٿا ته زينب سميت جن به معصوم نينگرين کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، انهن کي ڦاهي جي سزا ملڻ گهرجي ته جيئن اهڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث حيوانن کي عبرتناڪ سبق ملي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top