ملڪي گهوٽالو ڪٿي دنگ ڪندو؟

يونس ڀان

پاناما ليڪس کان پوءِ ملڪي سياست ۾ وڏو بوچال اچي ويو آهي هر طرف ڪرپشن ڪرڻ وارن جي خلاف وويلا مچي ويل آهي. جيڪو به حق گهري ٿو ته جهموريت جا عملبدار انهن تي لٺيون وسائين ٿا. آمريت جي روايت پئي هلي. سياستدان، حڪمران ملڪ ۾ بيچيني پيکڙي ڇڏي آهي. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جون آڱريون هڪ ٻئي ڏانهن تيز تلوارن جيان هلڻ شروع ٿي پيون آهن. ڪن ڌرڻا هنيا ته ڪن چشم پوشي ڪئي ڪن مناففيت ڪئي. سياسي اداڪارن اداڪاري شروع ڪري ڏني آهي سياستدانن جي غلطين جي ڪري سڄو ملڪ بيچيني ۾ وٺجي ويو آهي اهڙي صورتحال پيدا ٿئي آهي جو هرماڻهو پريشان آهي ته ڇاٿي رهيو آهي!! وڪيل، هاري، مزدور، آبادگار، زميندار، استاد، ليڊي استاد آفيسن جو عملو مطلب هر ماڻهو ڪرپشن جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي ۽ پنهنجو حق گهري رهيو آهي سياسي پارٽين جا حڪمران خاندان سميت ڪرپشن ۾ ملوث ٿي ويا آهن، نواز شريف جو خاندان پنهنجي حڪومت ۾ جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي. جنهن جا پڙڏا هلي رهيا آهن. چوري، ۽ ڪرپشن ۽ ٺڳي ۾ نواز شريف جي خاندان جي خلاف ڪافي ثبوت ملڻ شروع ٿي ويا آهن .ڪرپشن ۾ وزير اعظم نواز شريف کي تاحيات نااهل ڪورٽن ڪيو. نواز شريف پنهنجي نااهلي جي خلاف عدليه مان باهيون ڪڍڻ لاءِ عدليه تي خواب تنقيد ڪري رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ به بار بار ڇڪتاڻ واري صورتحال به رهندي اچي پئي. عدليه به باربار آزاد رهڻ جي يقين ڌياني ڪرائيندي رهندي آهي.

 نااهل وزير اعظم نواز شريف جو پورو خاندان ڪرپشن جي ور چڙهي ويو هر ماڻهون جي وات تي ڪرپشن جا چرچا هلي رهيا آهن ڪوڪون، دانهون نواز شريف جي خاندان جون جاري آهن. الله جي لٺ بي آواز آهي شاهي خاندان جيان رهڻ وارو نواز شريف جو ڪٽنب کي اهڙي ته لٺ لڳي آهي جو هاڻ وايون بتال ٿي ويون اٿن،. نواز شريف ڀاڳي ڀائيوار ساٿي آصف زرداري به 27 مارچ تي نواز شريف سان  مفاهمت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ۽ وڃي مولانا طاهر القادري سان هٿ ملايو هاڻ ڇا ٿيو ٿئي انهن جي فيصلن جو به عوام کي انتظار آهي ٻنهي ڄڻن نواز شريف جي دشمني ۾ هٿ ملايو آهي ڏسڻو آهي ته ڪهڙا ٿا گل نڪرن، ملڪ ۽ عوام کي ڪهڙو فائدو ٿو ملي؟؟!. ٻنهي جي هٿ ملائڻ سان

پشاور جي اسڪول تي دهشتگردن تاريخي حملي کانپوءِ 2017ع ۾ فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ تي سخت اعتراضات به ٿيا. پر 21 مارچ تي قومي اسميبلي مان بل منظور ڪرايو ويو پ پ پ زرداري به حمايت ڪئي. فوجي عدالتن کي قانوني تحفظ مليو. ملڪ ۾ دهشتگري عروج تي رهندي پي اچي!!!

نااهل نواز شريف جي حڪومت پنهنجي نئين مالياتي ايوارڊ  جو اعلان به نه ڪيو 2015ع ستين مالياتي ايوارڊ جو مدو پورو ٿي  هو. ايوارڊ لاءِ ننڍن صوبن اسميبلي ۾ ڪافي احتجاج ڪيو پر نواز سرڪار نه مڃيو. نواز شريف حڪومت جي هڪ هٽي جي ڪري ننڍن صوبن سان وڏي زيادتي ڪئي. نواز ليگ ۾ ويٺل سنڌي ميمبرن به آواز نه اٿاريو انهن ۾ غيرت جو مادو نظر نه آيو. خصوصن سنڌ سان نواز شريف حڪومت وڏي ذيادتي ڪئي اها سنڌ جيڪا ڪمائي ملڪ کي کارائي رهي آهي وري سور به سنڌ کي ملن.الطاف حسين سنڌ دشمن . ملڪ دشمن، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾  خوني هولي ڪيتري عرصي کان ڪندو رهيو آهي جنهن کي ڪڏهن نواز شريف ته ڪڏهن زرداري ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. ايتري قدر جو آصف زرداري 90 زيرو تي وڃي جتي الطاف جا نعره هنيا ۽ پنهنجي سنڌي ٽوپي ايم ڪيو ايم وارن کي پهرائي ايتري انهيءَ خوني سان محبت ڇو؟ اڄ سياستدانن نه پر پاڪ آرمي الطاف حسين کي اصل چهرو ڏيکاري ديوار سان لڳائي ڇڏيو آهي . بزدل، ڪائنر، قاتلن چُپ ٿي ويو. انهيءَخوني سنڌي بلوچ پٺاڻن، پنجابي سڀني جا قتل به ڪيا . ڀارت ۽ برطانيه جو اينجٽ طور ڪراچي ۾  بار بار خون جي هولي ڪندو رهيو ڀارت جي اينجٽ طور تي پڪيون شاهديون ۽ سندس تقريرن عوام کي  ۽ پاڪ آرمي کي چڱي ريت خبر به آهي ڪراچي جو سڪون ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي وڃي ڪراچي جي عوام کي سڪون جو ساھ کنيو آهي پر اڃان به انهن ڇاڙتا مختلف گروپ ٺاهي سياست ڪري رهيا آهن، انهن جي اصليت جي خبر پئجي ويندي ته اهي سنڌ سان۽ ملڪ سان ڪيترا سچا آهن؟ في الحال ته انهن تي آرمي جو موچڙو آهي ۽ تيستائين خاموش آهن ، الطاف في الحال خاموش آهي پر هن جي ذهينت فرعون واري آهي، خاموش رهي وري به ڪو ٻارڻ ڪراچي ۾ضرور ٻاريندو.!؟؟

لاهور ماڊل ٽائون مولانا طاهر القادري جي مدرسي تي نواز سرڪاري وحشيانه ظلم ڪيو 14 شهيد ٿيا اهو لڪاءُ سڄي دنيا ڏٺو . نواز سرڪار ۾ فرعونيت وارو ڪردار ادا ڪيو انهن فرعونيت  واري قتل ڪيس ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڳچي ۾ ٽنگيا پيا آهن طاهرالقادري جي گوڙا گوڙا جاري رهي آهي ته انصاف ڪريو؟؟ مولانا طاهر القادري ڪهڙي ٿو گيم ڪري يا نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ماڊل ٽائون واري سانحي ۾ انهن کي  سزا ٿو ڏياري يا ٻي ڪا گيم ڪري شهيدن جي لاشن تي صرف سياست ٿو ڪري  يا انصاف ٿو ڏياري ؟؟ لال مسجد تي جيڪا خونريزي ڊڪٽيڪٽر جنرل پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾  ٿئي.  انهن ۾ 256 انسان بيگناھ قتل ٿيا اڄ اهو قاتل بيماري جو بهاني خود ساخته جلاوطن ٿيو ويٺو آهي، حڪومت ۽ عدالتن جي مٿس ڪابه نٿي هلي. جڏهن چاهي ايندو کيس ڪجھ به نه ٿيندو…؟ انهيءَ تي عدالتن جو وس به نٿو هلي ڊڪٽڪيٽر آزاد گهمي پيو. بينگاهن جي لاشن سان انصاف نه پيو ٿئي، عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا بيگناھ ڦاسي چڙهي وڃن ٿا. شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جو ڪيس ڪورٽن به جانبداري ڪري سڀني قاتلن کي آزاد ڪري ڇڏيو ڄڻ گوليون آسمان مان هلايون ويون هيون هجن. پ پ پ جي حڪمرانن کي ڪجھ به نه ٿيو سڀ آزاد ٿي ويا اهو ڪورٽن جو انصاف آهي!؟. بينظير ڀٽو بينگناھ قتل ٿي ويئي پ پ پ زرداري جي ڪن تي جوءَ به نه چري لاش جا وارث به نه ٿيا! بينظير  وارث ٿي بي گناھ قتل ٿي ويئي!! سندس پارٽي ۽ زرداري سميت ڪنهن کي بينظير ڀٽو جي قتل جي ڳڻتي ڪونهي اولاد سميت سڀ ستل آهن. حڪمراني جي نشي ۾ ڌُت آهن ۽ سندس نالي تي سياست ڪن پيا. پر بينظير ڀٽو سان نه سندس پارٽي نه مڙس زرداري، نه اولاد انصاف ڪيو. خون ٻوڙائي ڇڏيائون؟. بينظير جي لاش جا مالڪ به نه ٿيا آخرڇو…؟ حڪمرانن اقتدار دوران خوب ڪرپشن به ڪئي ٻاهريان قرض به خوب ڪرپشن به ورتا اهي ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيا، نواز شريف جي حڪومت 4824 ارب 2013 کان 2017 ٿائين 17 ارب 67 ڪروڙ 60 لک ڊالر پرڏيهي قرض ورتو اهو ڪيڏانهن ويو ڪابه پڇا ڪونهي!!؟ پر انهن کان پڇي ڪير؟ ملڪ جو ناڻو ائين لٽيو ويو؟ انهيءَ سان ملڪ ۾ مهنگائي جو وڏو سيلاب به اچي ويندو غريب ماڻهون کان  جيئڻ جو حق کسيو  وڃي پيو. ڇا اهڙيون حڪومتون ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ڪري سگهن ٿيون؟ ايندڙ حڪومت کي پرڏيهي قرض 5 سالن ۾ 25 ارب 2 ڪروڙ ڊالر ادا ڪرڻو آهي. جيڪو ملڪ لاءِ  قرض ورتو ويو اهو ته ملي جلي ڪري سياستدان کائي ويا ۽ اهو قرض عوام کان ٽيڪسن جي صورتن ۾ ورتو ويندو ۽ مهنگائي عروج تي چڙهي ويندي. ايندڙ وقت ۾ عوام جو ڇا ٿيندو ڪابه خبر ناهي…؟ملڪ جي  ڪهڙي معاشي صورتحال بيهندي؟؟ حڪمرانن جي ناقص پاليسن جي ڪري ملڪ جو وڏو صنعتي ادارو اسٽيل مل جيڪو ڀٽو صاحب روس کان ورتو ملڪ جي ترقي لاءِ جنهن ۾ تقريبن12047 هزار ليبر ڪم ڪري ٿو. ايترا خاندان پلجي رهيا آهن تنهن کي تباھ ۽ برباد ڪري ملڪ ۽ قوم کي نقصان ڏنو ۽ اهو ادارو حڪمرانن جي غلط پالسين جي ڪري تباهي جي راھ تي گامزن  آهي اهو به گروي ٿي ويو آهي، غيرملڪي جي قرضن عيوض…. حڪمران سينٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي… 2013 ۾ ملڪ مٿان گهريلو ملڪي قرض 8 هزار 686 ارب روپيه هو. موجوده نواز حڪومت ۾ ملڪ اندر گهريلو قرض 4 هزار 8281 ارب روپيه ورتو جيڪي وڌي وڃي 13 هزار 510 ارب روپيه ٿي ويو آهي. اهڙي طرح 2013 ۾  ملڪ مٿان غير ملڪي قرض 35 ارب 99 ڪروڙ 50 لک ڊالر ٿي ويو جنهن مان 18 ارب 32 ڪروڙ حڪومت ادا ڪيو جنهن کان پوءِ به غيرملڪي قرض اڃان به 17 ارب 67 ڪروڙ 60 لک ڊالر رهجي ويو آهي. اهڙي ريت ايندڙ حڪومت کي 2018 واري 25 ارب 2ڪروڙ 70 لک ڊالر قرض ادا ڪرڻو پوندو حڪمرانن جي غلط پاليسن جي ڪري اين ون ، ايم ٽو ،  ايم ٿري، موٽر ويز ۽ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي به ضمانت طور گروي رکيل آهي انهي جو نواز  سرڪار سينيٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي. عالمي بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض وري به منظور ٿيو آهي، اها رقم به ڪرپشن جي حوالي ٿيندي ايندڙ حڪومت لاءِ تحفو هوندو، حڪمرانن جي شاھ خرچين جي ڪري ڪرپشن ڪرڻ سان ملڪ جي معاشي حالت تباهي کان سواءِ ڪجھ به ناهي، سوال اهو آهي ته ڪئين ملڪ تان قرض لهندا…؟  ڪئين ملڪ ترقي ڪندو…؟ اهڙا ڪيترا ٻيا سوال آهن، جيڪي بار بار جنم وٺي رهيا آهن سپريم ڪورٽ به نيب مٿان 2 ارب 37 ڪروڙن جي ڪرپشن به ڪاوڙيل آهي. ۽ ان کي جلد ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ حڪم ڏنا آهن… نيب ۾ ڪرپشن جا پڙڏا آهن نيب جي ڪارگردگي ملڪ کي تماشو بنائي ڇڏيو آهي ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري رهي آهي نيب جو عمل رڍ جانور جهڙو آهي، جيڪو سست رفتاري سان ڪم ڪندو آهي ته هن کي رڍ جانور جو لقب ڏنو ويندو  آهي ته تون ته رڍ آهين،،، ڪرپشن سان ڍيل نيب جو اصل ڌنڌو ٿي ويو آهي. اڃان تائين نيب جي ناقص ڪارگردگي جي ڪري ڪنهن کي به ڪا خاص سزا نه ڏياري سگهي آهي نيب لاء ڪيترا سوال جنم وٺي رهيا آهن ملڪي ڪورٽن جي ڪجھ قدر ٻٽو معيار نظر اچي رهيو آهي … ڪورٽن کي بااختيار ڪري ملڪ جي لٽيندڙن دولت وارن کي سزا ڏيئي انصاف جي روايت هميشه لاءِ اهري ريت رکي وڃي جو ايندڙ ڪرپٽ ڪامورن يا سياستدان تاريخي سبق سکن ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪڙو احستباب ۽ جلد فيصلا ڏيڻ گهرجن ته جن به ملڪ کي لٽيو آهي انهن جي گندي ڪردار کي عوام آڏو  ظاهر ڪيو وڃي. جئين  نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا ۽ ٻين خلاف ارب رپين جي ڪرپشن جي  ڪيس جو هاڻ فرد جرم لاڳو ٿيو آهي ايتري دير ڇو ڇا مقصد آهي؟ اينٽي ڪرپشن ادارو به پنهنجو پاڻ ملهائي رهيو آهي جتي چار ڏوڪڙن جو آسرو ٿي ٿو ته ڪيسن کي ڌير سان ڪمزور ڪري موڪليندي آهي ۽ پوءِ ڪرپٽ آزاد ٿيو وڃن … انصاف جو قتل ٿيو وڃي.

هاڻ اليڪشن ڪميشن کي به ٿورو سجاڳي ٿئي آهي آصف زرداري بلاول زرداري نواز شريف جي پرڏيهي فنڊن متعلق انهن ٽنهي کان جواب گهريو آهي هاڻ ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪيترين پئسن جي عيوض ڊيل تي خاموش ٿي ٿئي ؟؟ يا انهن کي عوام جي اڳيان پرڏيهي فنڊن کي ظاهر ڪري ٿي يا نه ؟؟؟ انهيءَ وقت جو انتظار عوام کي رهندو …؟؟ ملڪ جي بيچني واري صورتحال تي به هر سياستدان پنهنجا تجربا فيصلا رايا ڏيندا رهندا آهن نواز ليگ جي قومي اسمبيلي جي اسپيڪر اياز صادق کي به هاڻ اچي ڊپ ورتو آهي ته ڪيڏي مهل به حڪومت وڃي سگهي ٿي آرمي چيف جي يقين ڌياني کان پوءِ کيس ننڍ آئي هوندي ۽ سڪون سان ڏينهن گهاريندو…….

عالم دين مولانا فضل الرحمان صاحب به پراڻي متحده مجلس کي زنده رکڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر اتحاد قائم ڪيو ۽ اهو به سٺو فيصلو ڪيو ته متحده مجلس عمل ڪنهن به حڪومت جو حصو نه ٿيندي جيڪا  به پارٽي حڪومت جو حصو ٿيندي ان کي اتحاد مان ڪڍيو ويندو تمام  سٺي ڳالھ آهي سياست ۾ اصول پرستي ٿيڻ تمام ضروري آهي اهو ايڪو هئڻ گهرجي پر متحده مجلس عمل وارن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته قابل احترام مولانا فضل الرحمان صاحب جي سياسي تاريخ رهي آهي هر حڪومت جو حصو رهندو پيو اچي اها ڳالھ سمجھ کان باهر آهي ته  مولانا فضل الرحمان ايندڙ حڪومت جو حصو نه ٿيندو؟؟؟ جي حڪومت جو حصو ٿيندو؟ ته پوءِ متحده مجلس شايد وري ٽٽي نه وڃي. مون جي نظر ۾ متحده مجلس عمل جي گهٽ سياسي بصيريت نظر نٿي اچي اڃان به وقت جو انتظار رهندو ته اڳيان هلي ڇا ٿيو ٿئي.

ملڪ ۾ سياسي بي چيني سياسي گهوٽالو. واري صورتحال ته آهي پر سنڌ ۾ زرداري جي پاليسن جي ڪري تمام گهڻي نظر اچي رهي آهي. هر طرف ملڪي ليول تي ڪرپشن جا ڀرپور آواز اٿي رهيا آهن پر سنڌ ملڪ جو خالق صوبو آهي. انهيءَ ۾ وڌيڪ افراتفري ڪرپشن لٽ مار، اغوا، ڌاڙ ڦرون، دهشتگردي ته ايتري قدر جو مقصدس درگاهن قلندر لال شهباز سيوڻ شريف کي به نه ڇڏيو ويو… پ پ پ سنڌ جي حڪومت جي اهليت تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي. عوام جا مسئلا حل نه نٿا ڪن پر حقن جي لاءِ ڪوبه پُرامن احتجاج ٿئي ٿو ته انهن تي جمهوري حڪومت ۾ لٺين جو ڪڙڪو ۽ تشدد کان سواءِ حڪومت عوام کي ڏيئي به ڇا سگهي آهي. مثال طور  ليڊي هيلٿ ورڪرن جي نياڻين حق گهرڻ لاءِ پر امن احتجاج ڪيو انکي موٽ ۾ واٽر ڪين ۽ تشدد مليو….! ليڊيز ٽيچرس حق لاءِ آواز اٿاريو ته انهن کي واٽرڪين ۽ لٺيون هنيون ويون گرفتار ڪيو ويو. آبادگار ۽ زميندارن کي ڪمند جي اگھ 182 روپيه حڪومت جي منظور ٿيڻ باوجود به نه ڏنو پرامن احتجاج ڪيو ته آبادگار ۽ زميندارن کي لٺيون ۽ جيل تحفي طور پ پ پ زرداري جي  حڪومت ڏنو اڃان تائين مسئلو حل نه ٿيو آهي اها جهموري حڪومت ؟ حق گهرڻ تي لٺيون ملن ٿيون… انهيءَجو سبب اهو آهي ته سنڌ مان سڀ کان ذياده 19 شوگرملون آصف زرداري جي اومني گروپ جون آهن تنهن ڪري زرداري کي مالي نقصان ڏيڻ لاءِ حڪومت تيار ناهي. ۽ وري اهڙو وقت به ايندو ته سنڌ حڪومت  عوام جو  پئسو ڏيندي زرداري کي بچائڻ لاءِ پر آصف زرداري اومني گروپ کي ٽڪو به نقصان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي عوام جو پئسو ضايع ڪري اومني گروپ کي اريبن روپين جو فائدو مليو ،زميندارن ۽ آبادگارن تي تشدد جو نه بلاول نه زرداري نوٽيس ورتو سنڌ ۾ هنئين اغواهن جا ڪيس گهڻا ٿيندا رهن ٿا. پ پ پ حڪمرانن کي شرم نٿو اچي جو انهن غريبن جا گهر برباد ٿي ويا هڪ فيضلا سرڪي جنهن کي ڪيترا ئي سال ٿي ويا آهن انهن جا مائٽ اڃان تائين احتجاج ڪري رهيا آهن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ٻيو عمران جوکيو ٽيو ساحل ڪوريجو ڪيترين ئي سالن کان گم آهي اڃان تائين نه بلاول زرداري ۽ آصف زرداري کي هوش نه آيو آهي، ۽ اها عوام جي خدمت آهي ڪن تي جوءَ به نٿي چري  سنڌ ۾ زرعي تحيقياتي ادارن جا ملازم کي به حق نٿا ملن احتجاج ڪن پيا سنڌ ۾ 2900 هزار ملازم ايريگشن جا ملازم پوري زندگي ۾ ڪڏهن به انهن کي پروميشن نه مليا آهن، نه سن ڪوٽا ملي آهي، نه ئي فوتي ڪوٽا نه ٽائين اسڪيل مليو آهي،ايگريشن جا ملازم صدر عبدالرحيم پارو ۽ اقبال لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ ڪيترائي دفعه احتجاجي ريليون بک هڙتالون، روڊن تي مارچ ڪيا آهن، گذريل سال ڪراچي ۾ پريس ڪلب تي پوري سنڌ جا ملازم پُرامن احتجاج ڪيو ته پ پ پ  حڪومت ايگريشن جي مزدورن تي فرعونيت ڪئي لٺيون هنيون سوين ملامن کي جيل ۾ وڌو ويو ڪافي ملازمن جو ٽنگون ۽ ٻانهون ٽٽي ويون هڪ ملازم جي اک ضايع ٿي وئي حڪومت مطالبا مڃي ڪري ڦري وئي رڳو آسرا ڏيندا رهيا. نيٺ سنڌ آل ايريگشن فيڊريشن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سچل سرمست درگاھ کان پر اُمن لانگ مارچ صدر عبدالرحيم پارو ۽ جنرل سڪريٽري اقبال لاڙڪ جي قيادت ۾ ٻيهر ايگريشبن جي ملازمن لاءِ جدوجهد جو 18 ڊسمبر2017کان شروع ڪئي آهي جيڪا 10جنوري 2018 تي ڪراچي پريس ڪلب تي پوري سنڌ جا ايريگشن ملازمن جو تاريخي هزارن جي تعداد ۾  ڌرڻو هڻندا ۽ اُتي نئون لائحه عمل تيار ڪري بلاول هائوس ڏانهن پر امن مارچ ڪندا موجوده فرعون جي پيروي ڪندڙ حڪومت وري به ايريگشن جي مزودرن تي تاريخي تشدد ڪندي ؟پر پُرامن مزدورن جا حق تسليم ڪراڻ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جمهوري حڪومت ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندڙ ۽ حڪومت ڪندڙ وري تازو استادن کي حق نه ملڻ تي جمهوري عملبردار پ پ پ جي، حڪومت استادن تي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري تشدد ڪيو استادن کي رت سان وهنجاريو ويو اها آهي جمهوريت جنهن ۾ حق گهرڻ تي لٺيون هينون وڃن ٿيون. استاد پغمبري پيشو آهي شهيدن جا وارث سڏرائڻ وارن جي حڪومت فرعونيت جو طريقو استعمال ڪيو ته حق گهرڻ جي بدلي ۾ لٺيون وسايون اهو جمهوريت جي عملبدران جو ذهن فرعونيت ڏانهن ڪيئن آيو؟ اها ڪرپشن جي ڪرڻ کان پوءِ فرعونيت اچي ويئي اٿن. چنگيرخان ۽ هلاڪو خان جي ياد تازه ڪئي انهن جي روايت کي برقرار رکڻ واري جمهوريت کي سلام آهي، ڇا جهموريت جي معنيٰ اها آهي؟ حق وٺڻ لاءِ لٺيون کائو…؟ جهموريت جي چئمپين ڪنهن جي روايت جي پيري ڪري رهيا آهن پرامن استادن حق گهريو کين ڳالهين بدران جابرانو ۽ وحشيانو تشدد ڪيو ويو؟ استادن تي لٺيون وسيون رت نڪتو عوام تي ۽ انهن جي شاگرن تي ڇا اثر ڇڏيندا … ڪرپشن ڪندڙن کي لٺيون وسايو سزائون ڏيکاريو باقي حق گهرڻ وارن کي تحفي ۾ لٺيون وسايون وڃن ٿيون اها جمهوريت آهي جمهوريت جي معنيٰ عوام جي حڪمران هجي عوام جي عزت مال ۽ وقارجو خيال ۽ حفاظت هجي. عوام جي آواز کي اوليت ملي عوامي جي هر ڳالھ ٻڌي وڃي ڇاڪاڻ ته عوام ووت ڏيئي  ٿو اهو عوام جو جمهوريت لاءِ لاءِ قربانيون ڏي ٿو. ۽ عوام کي پاڻ کي جهموري حڪومت ۾ محفوظ سمجهڻ جي بدران غير محفوظ سمجهي ۽ تششد برداشت ڪري اها ڪهڙي جهموريت آهي؟ جنهن ۾ عوام تي لٺيون وسايون وڃن ۽ حق به نه ڏين…؟

هڪڙي پاسي پ پ پ جهموريت جي عملبدارن حڪومت تشدد ڪري ٿي ٻئي پاسي وري وزير تعليم بيان ڏي ٿو ته اسان تعليم تي ڌيان نه ڏنو آهي ، استادن کي لٺيون هڻن کان  پوءِ حڪومت ڪرڻ  جو ته اهڙي حڪومت کي ڪرڻ جو حق ناهي. استعيفائون ڏيڻ گهرجي ها ۽ وري اهو به اعتراف حڪومت ڪري ٿي ته 9 سالن ۾ 74 ارب خرچ به ڪيو پر انهيءَ جو باوجود به سنڌ جي 16517 اسڪولن ۾ بجلي ڪونهي ،14364 اسڪولن جي چوديواري ناهي مڊل اسڪول هاءِ اسڪولن ۾ باٿ روم ۽ فرنيچر ناهي ٻهراڙي جا اسڪولن ۾ استاد کلي آسمان هيٺ ٻارڙيون کي تعليم ڏين ٿا، ڪافي اسڪول بند آهن وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن پر ملڪ ۾ آهي جمهوريت آهي!!… هن وقت سياسي گهوٽالو سياستدانن جي نااهلي ، ڪرپشن جي ڪري ٿي آهي انهن سان گڏ ڪرپٽ ڪامورن به گهٽ ناهي ڪئي انهن به سياستدانن سان گڏجي خوب مال ڪمايو آهي پر آهي ملڪ ۾ جمهوريت؟ حق گهرڻ تي آمريت جي روايت برقرار رکندي تشدد ڪيو وڃي ٿو، ڇا اها جهموريت آهي. عوام جي ووٽن سان حڪومت ملي ۽ عوام تي لٺيون وسايون وڃن. جمهوريت جا عملبدارو اهڙو ظلم نه ڪريو ڪٿي متان ٽي ڌر نه اچي وڃي؟؟ جهموريت جا عملبدارو عوام جي حقن جي حفاظت ڪريو لٺيون نه وسايون عوام کي جيءَ ۾ جايون ڏيو، ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريو عدالتون به عوام کي تڪڙو انصاف ڏين ۽ عوام کي سالن جا سال نه تڙپايو نه وڃي ڪرپٽ ۽ ملڪ دشمن سياستدانن ڪامورن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي عوام ۽ ملڪ تي رحم ڪريو ظالمن لٽيرن ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ته ملڪ ۾ سياسي گهوٽالو نه ٿيندو نه ڪرپشن ٿيندي نه ملڪ ڪمزور ٿيندو ايمانداري سان ملڪ خوشحال ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top