آمريڪي امداد نه ملڻ باوجود دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي: آرمي چيف جو آمريڪا کي کتو جواب

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪي ڪمانڊر کي سڌو سنئون جواب ڏيندي چيو ته آمريڪي امداد نه به هجي تڏهن به دهشتگردي خلاف مخلص ڪوششون جاري رکنداسين. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرلجوزف ۽ هڪ آمريڪي سينيٽر فون ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل جوزف ووٽل آرمي چيف کي ڪوليشن سپورٽ فنڊ بابت آمريڪي فيصلي کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ موجودا صورتحال عارضي مرحلو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل جوزف چيو ته آمريڪا پاڪستان جي اندر ڪنهن هڪ طرفي ڪارروائي جو نه پيو سوچي، افغانستان خلاف پاڪستاني سرزمين استعمال ڪندڙن کي منهن ڏيڻ ۾ تعاون چاهيون ٿا. آءِ ايس پي آر جو ٻڌائڻ آهي ته آمريڪي سينيٽر به آرمي چيف کي سيڪيورٽي امداد بابت آمريڪي فيصلي کان آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪي جنرل سامهون چيو ته پاڪستان آمريڪي امداد جي بحالي لاءِ نه چوندو، آمريڪي امداد نه به جي ته به دهشتگردي خلاف ڪوششون جاري رکنداسين ۽ دهشتگردي خلاف ڪوششن کي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته آسان آپريشن ردالفساد وسيلي پهريان ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ هر رنگ ۽ نسل جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. جنرل باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستاني قوم سمجهي ته ڏهاڪن کان تعاون جي باوجود هاڻوڪي بيانن سان دوکو ڏنو ويو، اهڙي طرح متفقه قومي ردعمل اهڙن ئي جذباتن جو مظهر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top