آمر جون خواهشون

غلام حسين لغاري

                 آمر جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه  پرويز مشرف وڊيو لنڪ وسيلي ڪراچي ۾ جيڪو خطاب ڪيو اهو گهڻو ڪري ڪراچي جي محدود ماڻهن روبرو ڏٺو ۽ ٻڌو، جڏهن ته اسان پارن وري ميڊيا وسيلي ڏٺو ۽ ٻڌو.پرويز مشرف جي خطاب واري ميڙاڪي کي اها پذيرائي ملي ناهي ملي سگهي جيڪا کيس اميد هئي.البته هن ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ڌڌڙ ۾ پير هڻڻ واري سياست جو آغاز ڪيو آهي جنهن ۾ هو ڪيتري حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو اها به کيس ۽ سندس حمايتن کي ڀلي ڀت خبر آهي.

                 قوم مٿان ڏهن سالن تائين ڏنڊي ۽ پنهنجي پسند جي حڪمراني ڪندڙ هن آمر پنهنجي خطاب ۾ جيڪي ڪجهه به فرمايو ان ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪا اهڙي ڳالهه ڪري نه سگهيو جنهن سان هو پنهنجا حمايتي وڌائي سگهي ها البته هن پنهنجي آمراڻي دور واري سياسي انداز جو تسلسل جاري رکيو ۽ اهو سڀ ڪجهه اوڳريو جيڪو قوم ٻيهر ٻڌڻ نٿي چاهي.آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جون ٻه ڳالهيون مون نوٽ ڪيون آهن جنهن ۾ هن پهرين ڳالهه اها ڪئي ته متحده قومي موومينٽ،پ پ پ ۽ اي اين پي هٿيارن واري سياست ڪري ڪراچي جو امن تباهه ڪيو ۽ پنهنجي حڪمراني قائم رکي،جڏهن ته هن ٻي ڳالهه اها ڪئي ته متحده قومي موومينٽ جا جيڪي به ڌڙا آهن ۽ سندس پارٽي ڪنهن هڪ نالي تي متفق ٿي گڏيل سياسي جدوجهد ڪن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺن جنهن سان ڪراچي جو امن نه صرف بحال ٿي سگهندو پر ڪراچي ۾ ترقي به ممڪن ٿي سگهندي.هن اها به دعويٰ ڪئي ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت سندس جي اتحاد جي هوندي.البته اڳوڻي آمر پنهنجي وڊيو خطاب ۾ ڪافي ڪجهه فرمايو ۽ اميدون ڏيکاريون پر نٿو لڳي ته هن پنهنجي خطاب وسيلي ڪراچي جي عوام يا سياسي ڌرين کي ڪنهن حد تائين قائل ڪري سگهيو آهي، نه وري اهي سياسي ڌريون جن سندس ئي حڪومت ۾ پرورش پاتي آهي کيس پنهنجو وڏو مڃڻ لاءِ تيار ٿينديون.

پرويز مشرف کان اڳ ۾ به ڪجهه آمر ملڪ مٿان مسلط رهيا ۽ ڊگهي عرصي تائين پنهنجو راڄ قائم ڪيو پر اقتدار کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ انهن چپ جو روزو رکيو ۽ سياست کان پري رهيا.مرندي مري ويا پر ٻيهر اقتدار يا وري سياست جي پرچار نه ڪئي.پرويز مشرف واحد آمر حڪمران آهي جيڪو سياست جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ملڪ جي هر گند جو ذميوار ٻين کي قرار ڏئي رهيو آهي ،جنهن ۾ ملڪ جي ڀلائي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.پروردگار صحيح يا غلط نموني کيس حڪمراني جو موقعو فراهم ڪيو هو .جڏهن اقتدار ۾ هو ۽ کيس ملڪي سياست يا ادارن ۾ گند ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته ان وقت اهو گند پاڻ صاف ڪري ڇو نه سگهيو ۽ ادارا مضبوط ڪري ڇو نه سگهيو؟ پارليامينٽ سندس ئي دور ۾ جيتري ڪمزور ٿي شايد ئي ڪنهن ٻئي دور ۾ ٿي هجي.هن وقت پاڻ عدليه جي احترام ۽ ان جي مضبوطي واري ڳالهه پيو ڪري پر هن عدليه کي پنهنجي دور ۾ جيترو ڪمزور ۽ مفلوج بنائڻ جي ڪوشش ڪئي شايد ئي ڪنهن ٻئي جي دور ۾ ٿي هجي.سندس دور جي ۽ هن وقت جي دور جي عدليه ۾ وڏو فرق آهي جيڪا آزاداڻي نموني فيصلا ڏئي رهي آهي.موجوده عدليه جي دور ۾ ملڪ جا چونڊيل ٻه وزيراعظم پنهنجا عهدا وڃائي چڪا آهن.افسوس جي اها ڳالهه آهي ته جن به مشرف جا هٿ مضبوط ڪيا يا مشرف جي حڪمراني جو ساٿ ڏنو اهي ئي ماڻهو حڪمران سياسي جماعتن ۾ پهچي ڪري پناهه ورتي آهي جيڪي هن وقت جمهوريت ۽ سياست جي بقا واري ڳالهه پيا ڪن.

اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڌڌڙ ۾ جيترا به پير هڻي پر سياست سندس وس جي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته قوم هن وقت سجاڳ ۽ باخبر آهي جيڪا سندس ڦندي ۾ ڦاسڻ نه چاهيندي.هو متحده قومي موومينٽ جي مختلف ڌڙن ۾ جنهن نموني لڪڻ ۽ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ويندو.جڏهن پاڻ ئي متحده  مٿان الزام مڙهي رهيو آهي ته هنن هٿيارن جي سياست ڪئي ۽ ڪراچي جو امن تباهه ڪيو آهي ته پوءِ اهڙن ڌڙن سان اتحاد ڪري هو ڇا ٿو حاصل ڪرڻ گهري.جيڪڏهن مشرف کي قومي سياسي ڪرڻي آهي ۽ ان جو ارادو رکي ٿو ته پهريان کيس ڪيسن کي منهن ڏيڻو ۽ پنهنجو دامن صاف ڪرڻو پوندس.ڪراچي واري سياست کان کيس ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ قوم کي پوري ثابتين سان قائل ڪرڻو پوندس ته سندس ماضي داغدار ناهي ۽ ملڪ جو هڪ سچو سپاهي ٿي رهيو آهي ۽ هن جيڪو به ڪجهه ڪيو هو ملڪ جي بقا خاطر ڪيو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top