ايندڙ چونڊون، سياسي جماعتن لاءِ چئيلنج

راهب علي سولنگي

                 پاڪستان ۾ ايندڙ اليڪشن تمام سياسي جماعتن جي لاءِ ڪنهن وڏي چيئلنج کان گهٽ نه هوندي ڇو ته ماضي ۾ حال جي صورتحال ڪجهه مختلف آهي هاڻي جيڪڏهن عوام وٽ جيڪو به اميدوار ڪنهن به سياسي جماعت جو هجي ووٽ وٺڻ لاءِ ويندو ته انهيءِ اميدوار لاءِ عوام ووٽ وٺڻ به هڪ وڏو امتحان ثابت ٿيندو ڇو اڄ جو ووٽر ماضي کان تمام گهڻو مختلف نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته مهانگائي لوڊشيڊنگ سان گڏ بيرزوگاري ۽ زندگيءِ جون اهم ضرورتون عوام کي ڪوبه حڪمران ناهي ڏيئي سگهيو. جن عوام کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. قوم ۽ ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ عوام پنجن سالن ووٽ ڏيئي حڪمران چونڊي ٿي.انهن پنجن سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ اهي عوام کي مهانگائي لوڊشيڊنگ بيروزگاري ۽ زندگي جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچن ٿا.پاڪستان اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندي ئي ملڪ ۾ مختلف جماعتن اميدوارن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن اعلان ٿيندو ته پارٽين جا قائدا انتخابي مهم جلسن ۽ جلوسن سان شروع ڪندا جنهن قسم واعدا ۽ خوشحالي جا سرسبز باغ  ڏيکارڻ شروع ڪندا اليڪشن کٽڻ کان پوءِ خبر پوندي ته ڪيترا واعدا وفا ٿيا. ڇو ته سياسي ماڻهن جو اهوئي هميشه رويو رهيو آهي ته اليڪشن کٽڻ کان بعد عوام کي وساري ويهندا آهن.هاڻي ايندڙ اليڪشن اهڙي سياست جو خاتمو چڻ گهرجي.اسان جي حڪمرانن کي اهم علم بلڪل ناهي هوندو ته جنهن عوام جي ووٽن ذريعي هو اليڪشن طاقت سان کٽي اقتدار ۾ آيا آهن.اها عوام هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي.حڪمرانن کي صرف ۽ صرف پنهنجا اقتدار۽ مفادات عزيز آهن.انهن کي شايد اها خبر ناهي ته تاريخ ۾ سياستدانن جون حڪومتون عروج زوال جا قصا نمايان ٿي چڪا آهن.اسان جا حڪمران فر لٽ جو اهڙو جزبو رکن ٿا.جو انهن کي ملڪ جي غريب عوام ياد باهي هوندي.جيڪي زندگيءِ ڪهڙي مشڪل ۾ اذيتن واري زندگي گذاري رهيا آهن.هاڻي سنڌ جي عوام کي به پنهنجي ووٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو ووٽ جي صحيح استعمال ئي اسان جي ۽ اسان نسل جي صحيح فيصل ڪندو.اهڙي سياست ۽ اهڙين سياستدانن جو خاتمون اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي آزادي جو موقعو ملي پوندو.آزادي انساني خودمختياري جي علمبردار آهي.آزادي کان هر دلعزيز ڪائي شي ناهي اسان جي زندگين جو داورمدار آزادي تي آهي.زندگي جو ڪوبه شعبو اهڙو ناهي جيڪو آزادي جي نعمت کان انڪاري هجي.نه ئي انهيءِ کام بغير ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي.آزادي کان بغير زندگي موت کان به بعدتر آهي.جتي عوام جي حقن جي حق لتاڙ ڪئي سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن احتجاج ڪيو.پنهنجا جائيز مطالبا هئا انهن جي پر امن احتجاج کي تشدد ذريعي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي سندن جائيز مطالبا. قبول  نه ڪيا ويا. جڏهن ته شگر ملن وارا عدالتي حڪم کي به نظر انداز ڪيو ويو.سنڌ حۡومت ڪمند جي آبادگارنجو مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ انهن تي لٺيون وسايون ويون سنڌ جا ارب بتي حڪمرانن جي مشيرن وزيرن جو شگر ملون آهن.انهن شوگر ملن پويان حڪمران ڌر جي با اثر شخصيت آهن.سنڌ ۾ تڏهن ۾ ڪمند جي آبادگارن جي احتجاج جو نه کٽندڙ سلسلو هلندڙ آهي. سنڌ جي حڪمرانن جي بربريت کي منهن ڏيندڙ استاد به اهڙي ظلم جو شڪار آهن.سنڌ جي حڪومت مسلسل استادن سان ناانصافي ڪري رهي آهي.جڏهن 2007ع ۾ دادو ضلعي جي ٽن تعلقن جنهن ۾ ميهڙ خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي جا استاد کي آفر آرڊر مليا. پر انهن کي اڄ تائين جوائيننگ آرڊر ناهن ملي سگهيا.انهن استادن کي هاءِ ڪورٽ به بحال ڪيو آهي.

پر تعليم جو سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ناهي.(اين.ٽي ايس) پاس ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جا استاد پنهنجي پڪي ٿيڻ لاءِ پر امن احتجاج ڪري رهيا هئا. ته انهن مٿا پوليس ڪڙڪي پئي ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد پنهنجي پڪي ٿيڻ لاءِ مرد ۽ عورتون استادن تي لٺيون وسايون ويون.پوليس استادن کي گهليندي رهي استادن کي ٿاڻن  ۾ بند ڪري انهن تي تشدد ڪيو ويو.ڇا اهو شرمناڪ عمل نه هو. عوامي پارٽي جي حڪومت جهموري دور حڪومت ۾ استادن سان ٿيل بي واجبي سنڌ حڪومت استادن کي وڌيڪ ڪيترو ستائيندي رهندي انهن استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪو رستو ڪڍو باقي سنڌ جي استادن سان ٿيندڙ ڪلور بند ڪيو.ميرٽ سان مذاق نه ڪيو. (اين،ٽي،ايس)امتحان پاس ڪندڙ استادن کي انصاف ڏيو.سنڌ جي تعليم ۽ استادن تي رحم ڪيو استادن تي ٿيندڙ پوليس تشدد غلط آهي.ڇو ته استاد قوم جو سرمايو هوندا آهن.استاد جي عظمت کي سڄاڻو ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن تي تشدد اه ڪٿا جي عقل مندي آهي.استادن تي تشدد بدران کين جائيز حق ڏيو. ڪاش حڪمران عوام کي ذاتي حقن کان محروم نه ڪيو وڃي.عوام کي پنهنجا ذاتي حق ڏنا وڃن.ته اهو حڪمرانن لاءِ بهتر ٿيندو.هاڻي سنڌ جي عوام کي پاڻ ۾ سياسي بيداري ڪڏهن پيدا ٿيندي جو.انهن سياستدانن جي ڪوڙن واعدن ۽ انهن جي ڪوڙن قسمن کي نظر انداز ڪندي جڏهن ته برسرقتدار حڪومت عوامي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پالسيون ٺاهڻ ارب رپيا انهن ۾ استعمال ڪيا پر اهي ارب رپيا عوام تائين ته پهچي سگهيا اهي ارب رپيا ڪرپشن جي نءر ٿيندا رهيا غريب غريب ٿيندو رهيو مهانگائي 100 سيڪڙو مان وڌي 400 سيڪڙو تائين پهچي ويئي پاڪستان ۾ 8 سيڪڙو ٽيهه لک 35 هزار ماڻهو غربت واري زندگي گذارن ٿا.2017ع جي آدم شماري جي مطابق پاڪستان جي آبادي 207،774،520 ٿي آهي.21 ڪروڙ ٿي چڪي آهي ملڪ ۾ مهانگائي بيروزگاري غربت هڪ وڏو مسئلو آهي.ملڪي دولت انهي سياسي خاندانن وٽ آهي جيڪي سياسي ۽ معاشي ترقي ۾ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top