زينب ۽ مصيبت جو رشتو

مسرورسيال

                 بلي شاھه جي ڌرتي قصور شهر ان وقت نوحي جي علامت بڻجي ويو جڏهن ڪنهن درندي وحشي صفت انسان هڪ اهڙو عمل ڪيو جنهن پٿر جھڙا دل به روئاري ڇڏيا ۽ اُهو آواز بلند ٿيڻ لڳو ته قصور جي معصوم زينب جو ڪهڙو قصور هو بلي شاھه جيڪو انسانيت جو درس ڏيندڙ صوفي شاعر آهي جنهن جا شعر پڙهي انساني ضميرن کي جھنجھوڙيو ويندو آهي ان جي شهر ۾ نه رڳو شيطان موجود آهي پر هڪ شيطاني گروھه موجود آهن جيڪو معصوم ٻارڙن کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائن ٿا اهڙا ڪيس قصور پوليس 12 داخل ڪري چڪي آهي 200 پوليس اهلڪارن کي انهن شيطانن کي پڪڙڻ لاءِ لڳايا ويا آهن پر اُهي پڪڙجي ته نه سگھيا رهندو زينب جو هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو 7 سالن جي زينب کي ڪهڙي خبر ته کيس گڏ وٺي ويندڙ انسان جي روپ ۾ ڪو شيطان آهي کيس ڪهڙي خبر ته هو کيس پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي تشدد ڪري کائنس جئيڻ جو حق به کسي وٺندو ۽ سندس لاش گندگي جي ڍير تي ڦٽو ڪري ويندو ۽ ها زينب کي اِها به ته خبر ناهي ته جنسي حوس ڇا هوندي آهي هن جي عمر ته صرف راند روند ڪرڻ ۽ شيءِ شڪليون وٺي کائڻ جي هوندي آهي هن کي ته اِها به خبر ناهي هوندي ته پنهنجو ڪير هوندو ۽ پرايو ڪير هوندو آهي صرف کيس اِها خبر هوندي آهي ته ساڻس پيار ڪير ڪري ٿو جنهن به پيار جو هٿ رکيو هن سمجھيو ته اُهو سندس پنهنجو آهي . زينب کي وٺي ويندڙ به اِهو طريقو اختيار ڪيو هوندو پهرين ٻارڙي کي پيار ڏنو هوندائين يا ته هُو سندن ڪنهن گھر ڀاتي سان واسطو رکندڙ هوندو زينب ان کي ڏٺو هوندو يا اسڪول ، مدرسي ۾ ايندڙ ويندڙ شخص هوندو ، اِهو به ٿي سگھي ٿو سندن ويجھو مائٽ به هجي جيڪو حوالو اسان جي ميڊيا بار بار ڏئي رهي آهي شيطان صفت ڪير آهي ان جو واسطو ڪنهن سان آهي ۽ هُو ڪنهن کي ويجھو آهي اِها ڳالھه پنهنجي جاءِ تي پر اصل ۾ ڳالھه هي آهي ته اسان وٽ هي ڇا ٿي رهيو آهي اسان جا ادارا ڇا ڪري  رهيا آهن هڪ معصوم نياڻي جي قاتل پڪڙڻ ۾ ايتري دير لڳائي رهيا آهن ڇا اُهو قاتل ملڪ کان ٻاهر نڪري ويو آهي …؟ جي نه ته پوءِ دير ڇاجي …… هن دير مان خبر پئي ٿي ته اسان جا ادارا پنهنجو اثر وڃائي ويٺل آهن . 200 اهلڪار چنڊ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شيطاني صفت انسانن کي پڪڙي نه سگھيا آهن …..! افسوس آهي اهڙي انتظاميا تي جيڪي پنهنجون ذميواريون نڀائي نه  سگھندي هجي . جڏهن به زينب نالو اچي ٿو اکيون پاڻمرادو پاڻي سان ڀرجي اچن ٿيو هن نالي جي معنيٰ آهي ئي پنهنجي والدين جي زينت ۽ وري  افسوس مقدر مصيبت ….! زينب ۽ مصيبت ايترو ته ڏکيو جملو آهي  جنهن کي ڪربلا جا عزادار ئي سمجھي سگھن ٿا پر قصور جي معصوم زينب جو درد ته سندس امڙ ۽ ابو ئي سمجھي سگھن ٿا انهن جي مٿان جيڪا قيامت گذري آهي ان جو اندازو به سندس رت جا رشتا وڌيڪ سمجھي سگھن ٿا پر اِهو درد انسانيت جو درد رکندڙ دل وارا به سمجھي سگھن ٿا . ڏسجي ته اسان جو معاشرو جنهن اخلاقي قدرن کان ڪرندي نظر پيو اچي ان جا ٻه سبب آهن هڪ اِهو ته اُهي فرد جيڪي اصلاح جو سبب آهن اُهي خاموش آهن ۽ جيڪي اصلاح جي معنيٰ کان به اڻ واقف آهن اُهي اصلاح جا درس ڏيندي نظر اچن ٿا … معصوم ٻارڙا جنسي حوس جو نشانو بڻايا وڃن ٿا اِهو مسئلو رڳو قصور جو ناهي پر پوري ملڪ جو آهي . هاڻي سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته اخلاقي قدر ڪئين ڪرن ٿا …؟ چيو وڃي ٿو ته تعليم جو نه هجڻ ۽ گھٽ تعليم هجڻ به اقلاقي قدرن جي اڻاٺ جو سبب  ٻڌايو وڃي ٿو ، جيڪڏهن اِها ڳالھه  مڃجي به ته ،… پوءِ اِهو دليل ڪمزور نظر اچي ٿو ، ان ڪري ته ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙ اعليٰ تعليم يافته به نظر اچن ٿا جيڪي منظر عام تي ايندا رهيا ۽ ثابت به آهن ٿيا .. ته پوءِ هن کي ڇا چئجي .اصل ۾ هي اُها جھالت آهي جنهن جو اڻ پڙهيل جاهل سان رڳو واسطو ناهي پر ان جو پڙهيل لکيل جاهل سان به واسطو آهي اهڙا عمل ڪندڙنفسياتي مريض به ٿي سگھن ٿا ته وري عادي مجرم به ٿي سگھن ٿا ، ٻنهي صورتن ۾ وري به ذميواري حڪومت تي اچي ٿي ته اُهي اهڙي نفسياتي مريضن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن يا جيڪي عادي مجرم آهن انهن لاءِ ڪهڙيون سزائون مقرر ڪيون آهن . رڳو سزائون مقرر ڪرڻ به ڪافي نه هوندو آهي اُهو قانو جنهن تي عمل نه ٿي سگھي سو ان نقلي رٻڙي نانگ جيان آهي جيڪو ڏسڻ  ۾ ته اصل نطر ايندو آهي ۽ خوف به پيدا ڪندو آهي پر جڏهن خبر پوندي آهي ته نانگ عملي طور اصل نه آهي ته پوءِ ان سان هرهڪ بنا خوف جي کيڏندو آهي اسان وٽ قانون موجود آهن پر انهن تي عمل نه هجڻ سبب ان نقلي رٻڙي نانگ جيان آهي جنهن سان بي خوف ٿي کيڏيو ويندو آهي ڏوهاري ذهانت ۾ اضافي جو سبب به اُهو ئي آهي جو قانون عملي طور نظر نٿو اچي قصور جي زينب تي ڪجهه ڏينهنن تائين تبصرا هلندا رهندا وري ڪي ٻيا تبصره شروع ٿي ويندا زينب سان ٿيل زيادتي رڳو زباني افسوس تائين رهجي ويندو ان ڪري ته هي واقعو هڪ نه آهي پر ڪيترائي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي روڪيو نه ويو ته ايندڙ وقتن ۾ به ٿيندا رهندا . مون ڏٺو ته هڪ طرف زينب جو حوس جو نشانو بڻيل لاش پيل هو ٻئي طرف اسان جا سياستدان اصل قاتل بجاءِ پنهنجن سياسي مخالفن تي تبصره ڪري رهيا هئا ڪير به اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ مضبوط تجويزون نه ڏئي رهيا هئا جيتوڻيڪ اِهو سمجھجي ٿو ته اهڙن واقعن جا ذميوار حڪمران هوندا آهن پر ذميوار اسان جا رويا به آهن .. جڏهن ڪالھه سنڌ اسيمبلي ۾ زينب جي واقعي تي ڳالهايو پئي ويو ۽ هڪ مذمتي ٺهراءُ پاس ڪرايو پئي ويو ته اُتي به هر ميمبر پنهنجي سياسي باھه ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي . ڪنهن مظلوم حالت اِها آهي ته اسان  همدردي به پنهنجي مقصد سان ڪريون ٿا ان ۾ به پنهنجي پسند ناپسند معيار بڻايون ٿا ….ٰ اصل ۾ زينب جو واقعو هر معصوم نياڻي جي حفاظت لاءِ  ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن  ڇا اسان جي اسيمبلي ميمبرن وٽ اُهي سوال آهن …. جي هجن ها ته پوءِ اٿاريا ضرور وڃن ها پنهنجي سياسي مخالفت جو سهارو نه ورتو وڃي ها اسان جي قانون ساز ادارن جي ميمبرن کي اِها سڌ به هئڻ گھرجي ها ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي ٻارڙن تي تشدد ڪيو وڃي ۽ معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي . ٻارڙن تي تشدد جي رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن پر اُهي به مهانگن هوٽلن ۾ سيمينار ڪري ، تقريرون ڪري ، طعام کائي ، اچ وڃ جو ڪرايو وٺي يا ڏهاڙي کري ڪري هليا وڃن ٿا ، اسان جي نصاب ۾ ٻارڙن کي جنسي طور محفوظ رهڻ لاءِ ڪي به سبق ناهن نه ئي وري ڪا اهڙي تربيت ڏني ويندي آهي ، اسان جي تعليمي ادارن ، مدرسن ، فلاحي ادارن ، مارڪيٽ ، صحت مرڪزن ، آفيسن  توڙي گھرن ۾ به اهڙا وحشي موجود رهن ٿا جيڪي رشتن جو قدر به نٿا رکن ۽ پنهنجي حوس جي نجاست   سان ڪيترائي معصوم جسم ناپاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن . اُهو سلسلو ڪو ڳجھو به ناهي پر اسان وٽ قانون جي حڪمراني ۽ عملداري نه هجڻ جو نتيجو آهي . هن وقت زينب جي درد ڀري واقعي کان پوءِ سرڪار اکيون کوليون آهن جيڪي به عارضي آهن ڏسجي ته زينب کي انصاف ملي ٿو يا نه … يا وري قاتل عدالت ۾ وڪيلن جي ڳرين فيسن عيوض ڪوڙا دليل سچ پيش ڪري پاڻ بچائي وٺندو يا وري راڄوڻي ڪري سزا کان پاڻ بچائي وٺندو ، جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي .ٿيڻ ائين گھرجي ته شيطان صفت انسان کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي چاڙهيو وڃي ته جئين اهڙا شيطاني سوچ رکندڙ ٻيهر جرئت نه ڪري سگھن . زينب هاڻ موتي ته نه ايندي پر سندس امڙ جون دانهون ، آهون ختم ٿيڻ جھڙيون ناهن ، کيس ڪجھه ذهني سڪون تڏهن ملندو جڏهن هن جي معصوم نياڻي جي قاتل کي  عبرتناڪ سزا ڏني ويندي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top