پير جو ڳوٺ لڳ پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، اهلڪار شهيد، وارثن کي 50 لک رپيا روڪ ڏنا ويا، 2 نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

پيرجوڳوٺ(ن س) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ راهوجا ۾ قائم ٿيل پوليس چونڪي جي اهلڪارن ۽ هٿياربندن ۾ جمعي واري رات جو ديرسان مقابلو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب پيرجوڳوٺ ٿاڻي جو اهلڪار محمد موسيٰ چنو شهيد ٿي ويو ۽ هٿياربند شهيد اهلڪار جي سرڪاري جي ٿري کڻي فرار ٿي ويا، اطلاع بعد ايس ايس پي خيرپور شبير احمد سيٺار جي حڪم تي ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ سيد جاويد علي شاھ ۽ سي آءِ اي انچارج علي محمد مهر جي اڳواڻي ۾8 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن، اسپيشل فورس جي جوانن هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي الرا جاگير زيرو بند وٽان سنڌو درياھ وٽ گم ٿي ويا، پوليس 20 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ نامعلوم هنڌ رکيو آهي، هوڏانهن شهيد اهلڪار جو لاش پوليس پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڀاءُ علي گوهر چنو حوالي ڪري ڇڏيو، شهيد جو لاش ايمبولينس ذريعي پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ ميهر چنه نيو ويو، جتي شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ٺري ميرواھ، ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ، ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ ۽ ٻين اهلڪارن کان سواءِ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهيد اهلڪار کي گارڊ آف آنر جي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور شهيد اهلڪار محمد موسي چنو جي پٽ جيئند خان چنو کي 50 لک رپيه روڪ، تڏي جو خرچ ڏنو ۽ پڻ شهيد جي وارثن کي 2 نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور ٻڌايو آهي ته شهيد اهلڪار رات ديرسان ڊيوٽي تي هو ته ڏوهاري واردات جي ارادي سان آيل 7 هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مقابلو  ٿي ويو، مقابلي دوران محمد موسي چنو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري سخت مرڻينگ ٿي پيو آهي جنهن جي رت جا نشان پيرا کڻڻ وقت پوليس کي نظر آيا جيڪي سنڌو درياھ وٽ گم ٿي ويا. هن چيو ته  ڏوهارين کي زنده يا مرده هٿ ڪرڻ لاءِ سکر، خيرپور ۽ شڪارپور ضلعن جي پوليس گڏيل آپريشن ڪندي، انشاءَالله ڪجھ ڏينهن اندر ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين شهيد اهلڪار جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top