ڪتاب رتا روهيڙا جي شاعري ۾ اڌ صديءَ جو عشق سمايل آهي: شوڪت حسين شورو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) نامياري شاعر علي دوست عاجز جي شاعري جي ڪتاب رتا روهيڙا جي مهورت ڪالهه ٻولي اختياري هال ۾ ٿي.  سانگا ادبي  ۽ ثقافتي  سوسائٽي پاران ٿيندڙ انهي تقريب جي صدارتي تقرير ڪندي ڪهاڻيڪار شوڪت شوري چيو ته رتا روهيڙا جي شاعري خوشبو وانگر آهي. ان ۾ اڌ صدي جو عشق ، پراڻي شراب وانگر وڌيڪ نشو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته علي دوست جي شاعري ۾ غزال ڪمال جا آهن. ان نيون تشبيهون ۽ استعارا ڏنل آهن. ان جي شاعري ۾ ٻولي جي وڏي حسناڪي آهي. شاعر جي اندر ۾ ڀڄي پيل پيڙا نظر اچي ٿي. هن چيو ته رتا روهيڙا راتين جون ننڊون ڦٽائيندڙ شاعري آهي. جڏنهن ته نصير مرزا علي دوست جي شاعري تي ڳالهائيندي چيو ته هو سامري جادوگر وانگر منڊي ڇڏڻ واري شاعري ڪندڙ آهي.  هو ڪرشمو ڏيکارڻ واري شاعري ڪندڙ آهي. هو پنهنجي  شاعري جي بنياد تي هميشه زنده رهندو. جڏنهن ته شاعر علي دوست عاجز ادب جي اوان ۾ جا ڏکي ملندي آهي. پر سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ايوان ۾ جا ڏئي منهنجي شاعري جي واکاڻ ڪرڻ تي سندن ٿورائتو آهيان.هن چيو ته ڏک،  ڏولاوا ۽تڪليفون  لفظن پيش ڪرڻ شاعري جو نالو آهي۽ شاعري سنياس ۽ جوڳ جو نالو پڻ آهي. انهي موقعي تي هن پنهنجي شاعري پڻ ٻڌائي. اهڙي ريت اسحاق سميجي چيو ته علي دوست عاجز  صادق فقير جو عاشق رهيو آهي. ان ڪري هن پنهنجي شاعري جي ڪتاب جو نالو رتا روهيڙا صادق فقير جي گيت تان کنيو آهي. هن چيو ته صادق جي وفات وقت روهيڙو رتا گل جهلي بيٺل هئا ۽ ان جي جنازي تي پڻ ڪيترن ئي روهيڙا جا گل نڇاور ڪيا هئا. جڏنهن ته نامياري شاعري سائين داد ساند چيو ته علي دوست جيسچن جذبن واري شاعري آهي، جنهن ۾ ڪاريگري وارو ڪوبه ڪمال ڏيکاريل نه آهي. هن فطري عڪس چٽيو آهي. هن جي شاعري ڄڻ منهنجي لا ڪيل هجي.جڏنهن ته اقبال رند چيو ته علي دوست عاجز سڄو اڇو شاعر آهي. هو اڇا ڪپڙا پهريندڙ ۽ اڇن وارو آهي. رڳو هن جو رت ڳاڙهو آهي. هن چيو ته علي دوست جي شاعري کي يڪ ساهي ۾ نٿو پڙهي سگهجي. ان کي پڙهڻ دوران روئڻو پوي ٿو. هو سنڌي ٻولي جو الڳ ٿلڳ شاعر آهي. خليل ڪنڀار چيو ته علي دوست عالمگيريت جي چڪر ۾ پوڻ جي بدران پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي شاعري ڪندڙ آهي. هن چيو ته شاعر ٻولي جو بچا ڪندڙ هوندا آهن. علي دوست گم ٿيل لفظن کي پنهنجي شاعري ۾ نئون جنم ڏنو آهي. هن وٽ وطن جو ذڪر وهندڙ نندي وانگر آهي. جڏنهن ته رفيق سيال چيو ته علي دوست جون وايون لوڪ ڏاهپ سان ٽمٽار آهن. هو جيترو ڏک ڏسي ٿو ، اوترو سجاڳ رهڻ جو ذڪر شاعري ۾ ڪري ٿو. جڏنهن ته رقيق حبدار پڻ علي دوست جي شاعري تي ڳالهايو. جڏنهن ته ڪوثر منصور سيتائي گيت ٻڌايو. جڏنهن ته انهي موقعي تي محفل موسيقي پڻ ٿي 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

*

Scroll To Top